ڪراچي- 12 مئي (اي پي پي) سنڌ اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر اويس قادر شاهه جي صدارت ۾ ٿيو. اجلاس دوران پي ٽي آءِ جي ميمبر شبير قريشي 12 مئي جي سانحي بابت قرارداد پيش ڪندي چيو ته ان ڏينهن جمهوريت پسند پارٽين ريليون ڪڍيون هيون، پر ڪيترائي بيگناهه ماڻهو قتل ڪيا ويا. ايم ڪيو ايم جي طحه احمد قرارداد تي ڳالهائيندي چيو ته جيڪڏهن ايم ڪيو ايم ان واقعي ۾ …
سنڌ اسيمبلي جو اجلاس، غيرت جي نالي تي ٿيندڙ قتلن خلاف قرارداد متفقه طور منظور

مزید خبریں
ڪراچي- 12 مئي (اي پي پي) سنڌ اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر اويس قادر شاهه جي صدارت ۾ ٿيو. اجلاس دوران پي ٽي آءِ جي ميمبر شبير قريشي 12 مئي جي سانحي بابت قرارداد پيش ڪندي چيو ته ان ڏينهن جمهوريت پسند پارٽين ريليون ڪڍيون هيون، پر ڪيترائي بيگناهه ماڻهو قتل ڪيا ويا. ايم ڪيو ايم جي طحه احمد قرارداد تي ڳالهائيندي چيو ته جيڪڏهن ايم ڪيو ايم ان واقعي ۾ ملوث هجي ها ته پوءِ سندن ڪارڪن شهيد نه ٿين ها. هن وڌيڪ چيو ته 12 مئي تي اهي ماڻهو ڳالهائي رهيا آهن، جن تي 9 مئي جا الزام آهن. ان موقعي تي نثار احمد کھوڙو اسپيڪر کي مخاطب ٿيندي چيو ته قرارداد کي آئوٽ آف ٽرن پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي آهي، جڏهن ته کيس ڳالهائڻ جو موقعو نه ڏنو ويو. احتجاج طور هو ايوان مان واڪ آئوٽ ڪري ويو، جنهن بعد ايوان اڪثريت راءِ سان قرارداد رد ڪري ڇڏي. ٻئي طرف سنڌ اسيمبلي اجلاس ۾ غيرت جي نالي تي ٿيندڙ قتلن خلاف قرارداد متفقه طور منظور ڪري ورتي. ايم ڪيو ايم جي بلقيس مختار پاران پيش ڪيل قرارداد ۾ خيرپور سان تعلق رکندڙ روبينه چانڊيو جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي سخت سزا ڏيڻ جو مطالبو ڪيو ويو. صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو قرارداد جي حمايت ڪندي چيو ته مقتولا پنهنجي مرضي سان شادي ڪئي هئي، جنهن جي اجازت اسلام پڻ ڏئي ٿو. هن چيو ته اهو غيرت نه، پر بي غيرتي جو قتل آهي. صوبائي وزير ضياءُ الحسن لنجار ايوان کي ٻڌايو ته روبينه چانڊيو قتل ڪيس ۾ 20 ڄڻا گرفتار ڪيا ويا آهن ۽ سڀئي جيل ۾ آهن. اجلاس دوران ٻيون اهم قراردادون پڻ منظور ڪيون ويون، جن ۾ سنڌ حڪومت پاران نيون سرڪاري گاڏيون ۽ موٽرسائيڪلون صرف اليڪٽرڪ خريد ڪرڻ، شهري علائقن ۾ گيس لوڊشيڊنگ ۽ غير اعلانيل بندش ختم ڪرڻ، برطانيا کان مليل 190 ملين پائونڊ سنڌ کي ڏيڻ بابت قراردادون شامل هيون. جڏهن ته ٻارن کان مزدوري ڪرائڻ بابت ايم ڪيو ايم جي عامر صديقي جي تحريڪ التوا کي خلاف ضابطو قرار ڏئي رد ڪيو ويو. صحت کاتي بابت سوالن جوابن جي وقفي دوران ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو چيو ته صوبي ۾ مليريا جا هزارين غير تصديق ٿيل ڪيس رپورٽ ٿين ٿا، جڏهن ته ڪراچي ۾ تعميراتي سرگرمين سبب پاڻي بيهڻ ڪري ڊينگي مڇر وڌي رهيا آهن. بعد ۾ اسپيڪر اجلاس جمعي ڏينهن منجهند تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.











