شرجيل انعام ميمڻ پاران خيرپور ۾ پيپلز بس سروس جي ٻن نون روٽس جو افتتاح ڪيو ويو

سکر- 12 مئي (اي پي پي) سينيئر صوبائي وزير اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ شرجيل انعام ميمڻ خيرپور ميرس ۾ پيپلز بس سروس جي ٻن نون روٽن جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته اڄ خيرپور جي عوام لاءِ انتهائي اهم ۽ خوشيءَ جو ڏينهن آهي. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، صدر آصف علي زرداري، فريال ٽالپر ۽ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه طرفان خيرپور جي عوام لاءِ پيپلز …

سکر- 12 مئي (اي پي پي) سينيئر صوبائي وزير اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ شرجيل انعام ميمڻ خيرپور ميرس ۾ پيپلز بس سروس جي ٻن نون روٽن جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته اڄ خيرپور جي عوام لاءِ انتهائي اهم ۽ خوشيءَ جو ڏينهن آهي. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، صدر آصف علي زرداري، فريال ٽالپر ۽ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه طرفان خيرپور جي عوام لاءِ پيپلز بس سروس شروع ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي پنهنجي هر حڪومت ۾ تاريخي ڪم ڪيا آهن ۽ هر ڳوٺ، تعلقي ۽ ضلعي ۾ رڪارڊ ترقياتي منصوبا مڪمل ڪرايا آهن. سڀني ڪوششن باوجود پيپلز پارٽي تي تنقيد ۽ ميڊيا ٽرائل ڪيو ويندو آهي پر سنڌ جي سڀني ضلعن ۾ جنهن نموني ترقياتي ڪم ٿيا آهن، ان جو مثال نٿو ملي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته خيرپور ضلعي ۾ اسپيشل اڪنامڪ زون اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي دور ۾ قائم ڪيو ويو. هن چيو ته پاڪستان جو واحد اهڙو اسپتال جتي ڦڦڙن ۽ جگر جي ٽرانسپلانٽ جي سهولت موجود آهي گمبٽ انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز آهي، جيڪو خيرپور جي عوام لاءِ وڏي اعزاز جي ڳالهه آهي. هن چيو ته خيرپور جا ماڻهو خوش قسمت آهن جن کي مخلص نمائندا مليا آهن.

خيرپور جي عوام هميشه پاڪستان پيپلز پارٽي تي اعتماد جو اظهار ڪيو ۽ مخالفن کي شڪست ڏني. هن چيو ته جيڪڏهن پيپلز پارٽي جي نمائندن عوامي خدمت نه ڪئي هجي ها ته هو پنهنجي تَڪن ۾ ڪامياب نه ٿين ها. صوبائي وزير چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت ۾ دنيا جي تاريخ جي سڀ کان وڏي مفت هائوسنگ اسڪيم شروع ڪئي وئي آهي جنهن تحت سنڌ حڪومت 22 لک خاندانن کي مفت گهر فراهم ڪري رهي آهي. مزدورن جي ڀلائي لاءِ مزدور ڪارڊ ۽ هارين لاءِ هاري ڪارڊ متعارف ڪرايا ويا آهن. هن چيو ته جيتري به پروپيگنڊا ۽ ميڊيا ٽرائل ڪيو وڃي هر چونڊ ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي اڳ کان وڌيڪ ڪاميابي حاصل ڪري ٿي. سنڌ ۾ هر اليڪشن ۾ پيپلز پارٽي کي عوامي پذيرائي ۾ اضافو مليو آهي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته اڄ خيرپور ۾ پيپلز بس سروس جا ٻه نوان روٽ شروع ڪيا پيا وڃن. عالمي سطح تي تيل جي قيمتن ۾ واڌ باوجود سنڌ حڪومت عوام کي گهٽ ڀاڙي تي جديد اي سي بسن جي سهولت فراهم ڪري رهي آهي. هن چيو ته هر مسافر جي ڀاڙي جو هڪ حصو سنڌ حڪومت سبسڊي طور ادا ڪري رهي آهي. هن اعلان ڪيو ته نئين اسڪيم تحت خيرپور لاءِ وڌيڪ بسون پڻ فراهم ڪيون وينديون، جڏهن ته جلد خيرپور ۾ پنڪ بس سروس ۽ پنڪ اسڪوٽي سروس پڻ شروع ڪئي ويندي ته جيئن عورتن کي محفوظ ۽ باعزت سفري سهولتون فراهم ٿي سگهن. هن چيو ته سنڌ ۾ پاڻي جي فراهمي، روڊن ۽ ٻين بنيادي سهولتن جي منصوبن تي تيزي سان ڪم جاري آهي. ڪجهه سياسي پارٽيون اتحاد ٺاهي چونڊون وڙهن ٿيون پر عوام کين رد ڪري ڇڏي ٿو ۽ ايندڙ وقت ۾ به شڪست سندن مقدر هوندي. هن چيو ته 2024ع جي چونڊن ۾ ڪجهه اميدوارن کي پنهنجي گهرن جا ووٽ به حاصل نه ٿي سگهيا. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سياست ۾ هر جماعت کي حصو وٺڻ جو حق حاصل آهي پر تنقيد اخلاقي دائري ۾ رهندي ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جو مقابلو ڪنهن به سياسي جماعت سان ناهي. هن چيو ته پاڪستان جي نوجوانن کي بلاول ڀٽو زرداري جهڙي نوجوان ۽ متحرڪ قيادت جي ضرورت آهي. بلاول ڀٽو زرداري هر عالمي فورم تي پاڪستان جو اثرائتو دفاع ڪيو ۽ ڀارت جي بيانيي کي شڪست ڏني. هن چيو ته سڄي دنيا ڏٺو ته پاڪستان جي فوج ڪهڙي بهادري سان دشمن کي شڪست ڏني. پاڪستان کي ذوالفقار علي ڀٽو ايٽمي طاقت بڻايو، جڏهن ته بينظير ڀٽو ميزائل ٽيڪنالاجي سان مضبوط ڪيو. صدر آصف علي زرداري ملڪ جي دفاع بابت اهم معاهدا ڪيا. هن وڌيڪ چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري عالمي سطح تي ڪشمير جو ڪيس ڀرپور نموني اٿاريو ۽ ڀارت وڃي به ڪشميري عوام جو آواز بلند ڪيو. ان موقعي تي ايم اين اي سيده نفيسه شاهه جيلاني، سيد جاويد علي شاهه، ايم پي اي هالار خان وساڻ، پاڪستان پيپلز پارٽي جي ضلعي صدر نواب خان وساڻ ۽ ڊپٽي ڪمشنر خيرپور الطاف احمد چاچڙ پڻ خطاب ڪيو ۽ پيپلز بس سروس جي نون روٽن کي عوام لاءِ سڻڍ قدم قرار ڏنو. بعد ۾ سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ، ذوالفقار علي ڀٽو بس ٽرمينل خيرپور تي ربن ڪاٽي پيپلز بس سروس جي نون روٽن جو باقاعدہ افتتاح ڪيو.

مزید خبریں