سکر- 12 مئي (اي پي پي) اروڙ يونيورسٽيءَ سکر ۾ ”معرڪه حق“ جي سلسلي ۾ تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ خاص مهمان سيد ڪميل حيدر شاهه خطاب ڪندي چيو ته اڄوڪو ڏينهن ملهائڻ جو مقصد اهو آهي ته جيڪو به پاڪستان ڏانهن ميري اک سان ڏسندو، ان کي سبق سيکاريو ويندو. هن چيو ته گذريل سال اڄوڪي تاريخ تي اسان دشمن کي منهن ٽوڙ جواب ڏنو هو ۽ انهن ئي ڏينهن ۾ سڄي …
اروڙ يونيورسٽيءَ سکر ۾ ”معرڪه حق“ جي سلسلي ۾ تقريب منعقد

مزید خبریں
سکر- 12 مئي (اي پي پي) اروڙ يونيورسٽيءَ سکر ۾ ”معرڪه حق“ جي سلسلي ۾ تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ خاص مهمان سيد ڪميل حيدر شاهه خطاب ڪندي چيو ته اڄوڪو ڏينهن ملهائڻ جو مقصد اهو آهي ته جيڪو به پاڪستان ڏانهن ميري اک سان ڏسندو، ان کي سبق سيکاريو ويندو. هن چيو ته گذريل سال اڄوڪي تاريخ تي اسان دشمن کي منهن ٽوڙ جواب ڏنو هو ۽ انهن ئي ڏينهن ۾ سڄي قوم انتظار ڪري رهي هئي ته اسان جا جوان ڀارت کي ڪڏهن ڀرپور جواب ڏيندا. سيد ڪميل حيدر شاهه وڌيڪ چيو ته جڏهن پاڪستان ”بنيان المرصوص“ جو پهريون حملو ڪيو ته ڀارت جا هوش خطا ٿي ويا. هن فيلڊ مارشل سيد عاصم منير کي سلام پيش ڪندي چيو ته هن پاڪستان جو نالو فخر سان بلند ڪيو آهي. تقريب کي ڪمشنر سکر ڊويزن عابد سليم قريشي، وي سي زاھد حسين کنڊ ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو، جڏهن ته يونيورسٽي جي شاگردن ٽيبلوز پيش ڪيا ۽ مهمانن کي يادگاري شيلڊون پڻ ڏنيون ويون ۽ تقريب جي پڄاڻي رنگ برنگي آتشبازي سان ٿي.











