حيدرآباد- 12 مئي (اي پي پي) ملڪ جي نامياري تعليمدان ۽ سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي باني ۽ پهرئين وائيس چانسلر ڊاڪٽر عبدالقادر انصاري جي جنازي نماز قاسم آباد جي ميمڻ نگر ۾ ادا ڪئي وئي، جنھن ۾ سنڌ زرعي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر الطاف علي سيال، ڊي ايڇ او ھيلٿ پير غلام حسين شاهه، پروفيسر ڊاڪٽر محمد اسماعيل ڪنڀر، پروفيسر علي گوھر راڄپر، ڊاڪٽر امداد لغاري، ڊاڪٽر آر …
ملڪ جي نامياري تعليمدان ۽ سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي باني ۽ پهرئين وائيس چانسلر ڊاڪٽر عبدالقادر انصاري جي جنازي نماز قاسم آباد ۾ ادا

مزید خبریں
حيدرآباد- 12 مئي (اي پي پي) ملڪ جي نامياري تعليمدان ۽ سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي باني ۽ پهرئين وائيس چانسلر ڊاڪٽر عبدالقادر انصاري جي جنازي نماز قاسم آباد جي ميمڻ نگر ۾ ادا ڪئي وئي، جنھن ۾ سنڌ زرعي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر الطاف علي سيال، ڊي ايڇ او ھيلٿ پير غلام حسين شاهه، پروفيسر ڊاڪٽر محمد اسماعيل ڪنڀر، پروفيسر علي گوھر راڄپر، ڊاڪٽر امداد لغاري، ڊاڪٽر آر بي وسطڙو، غلام مرتضيٰ چانڊيو سميت سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام، سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي استادن شاگردن ۽ سنڌ جي مختلف کاتن جي عملدارن شرڪت ڪئي، جڏھن ته سنڌ زرعي يونيورسٽي جي استادن واري تنظيم سائوٽا پاران پنھنجي آفيس ۾ دعائيه تقريب رکي وئي، سائوٽا جي صدر ڊاڪٽر فھد نذير کوسو، ڊاڪٽر جاويد گاڏھي، ڊاڪٽر غلام مجتبيٰ خشڪ، ڊاڪٽر سھيل اوٺو سميت استادن مرحوم ڊاڪٽر اي ڪيو انصاري جي روح کي ثواب پهچائڻ خاطر دعا گھري، مرحوم جي جو تڏو ميمڻ نگر ۾ رکيو ويو آھي، جتي سندس پُٽ ۽ مڪاني ادارن جو ايڊيشنل سيڪريٽري زين انصاري ۽ ٻيا عزيز تعزيت وصول ڪري رھيا آھن.











