پشاور -12 مئي (اي پي پي) خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي لڪي مروت جي علائقي سرائي نورنگ جي بازار ۾ ڌماڪي جي مذمت ڪندي بيگناهه ماڻهن جي فوتگي تي دلي ڏک ۽ غم جو اظهار ڪيو آهي. گورنر هائوس پشاور جي ترجمان موجب گورنر ڌماڪي ۾ فوت ٿي ويلن جي خاندانن سان دلي همدردي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته ڏک جي ان گهڙي ۾ شهيدن جي وارثن …
خيبر پختونخوا جي گورنر پاران لڪي مروت ڌماڪي جي مذمت

مزید خبریں
پشاور -12 مئي (اي پي پي) خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي لڪي مروت جي علائقي سرائي نورنگ جي بازار ۾ ڌماڪي جي مذمت ڪندي بيگناهه ماڻهن جي فوتگي تي دلي ڏک ۽ غم جو اظهار ڪيو آهي. گورنر هائوس پشاور جي ترجمان موجب گورنر ڌماڪي ۾ فوت ٿي ويلن جي خاندانن سان دلي همدردي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته ڏک جي ان گهڙي ۾ شهيدن جي وارثن سان ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهيان. زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي هن چيو ته سڄي صوبي خاص ڪري ڏاکڻن ضلعن ۾ دهشتگردي جا وڌندڙ واقعا انتهائي ڳڻتي جوڳا آهن. گورنر چيو ته دهشتگرد صوبي جي امن ۽ انسانيت جا دشمن آهن، دهشتگردي ۾ قيمتي حياتيون قربان ڪندڙ صوبي جي عوام، پوليس، سيڪيورٽي فورسز جي قربانين کي ڪڏهن به رائيگان ٿيڻ نه ڏينداسين.











