جيڪب آباد پوليس جي ڪامياب ڪارروائي، وڏي مقدار ۾ منشيات اسمگلنگ جي ڪوشش ناڪام، 4 ڄڻا گرفتار، منشيات ۽ ٻه ڪارون هٿ

جيڪب آباد - 12 مئي (اي پي پي) ايس ايس پي جيڪب آباد ڪيپٽن (ر) فيضان علي جي سخت هدايتن تي پوليس ڪامياب ڪارروائي ڪندي وڏي مقدار ۾ منشيات اسمگلنگ جي ڪوشش ناڪام بڻائيندي منشيات هٿ ڪري 4 ڄڻا گرفتار ڪيا آهن. تفصيل مطابق ايس ايس پي جيڪب آباد جي جاري ڪيل اسمگلنگ جي روڪٿام بابت سخت ھدايتن تي صدر ٿاڻي جي پوليس ۽ حساس اداري جي اهلڪارن گڏيل ڪامياب ڪارروائي ڪندي منشيات چرس، گٽڪو ۽ سوپاريون اسمگل …

جيڪب آباد – 12 مئي (اي پي پي) ايس ايس پي جيڪب آباد ڪيپٽن (ر) فيضان علي جي سخت هدايتن تي پوليس ڪامياب ڪارروائي ڪندي وڏي مقدار ۾ منشيات اسمگلنگ جي ڪوشش ناڪام بڻائيندي منشيات هٿ ڪري 4 ڄڻا گرفتار ڪيا آهن. تفصيل مطابق ايس ايس پي جيڪب آباد جي جاري ڪيل اسمگلنگ جي روڪٿام بابت سخت ھدايتن تي صدر ٿاڻي جي پوليس ۽ حساس اداري جي اهلڪارن گڏيل ڪامياب ڪارروائي ڪندي منشيات چرس، گٽڪو ۽ سوپاريون اسمگل ڪرڻ جون ڪوششون ناڪام بڻائيندي بين الصوبائي منشيات اسمگلنگ گروھ جا 04 جوابدار گرفتار ڪيا آهن. جوابدارن جي قبضي مان گڏيل طور ٻه ڪلو گرام منشيات چرس، ھڪ مڻ سترھن ڪلو 500 گرام گٽڪو ۽ 3 مڻ 10 ڪلو گرام صحت لاءِ هاڃيڪار سوپاريون هٿ ڪيون ۽ اسمگلنگ ۾ استعمال ٿيندڙ ٻه ڪارون پوليس تحويل ۾ وٺي قانوني ڪارروائي ڪئيشروع ڪئي آهي. انچارج شيمبي شاھ چيڪ پوسٽ پوليس ۽ حساس اداري جي اهلڪارن گڏيل ڪامياب ڪارروائي ڪندي چيڪنگ دوران ٻن مختلف ڪارن جي ايل آءِ رجسٽريشن نمبر GP-0058 ۽ مهران ڪار BJG-687 جي اندر موجود مجموعي طور اسمگل ٿيل منشيات ٻہ ڪلو 390 گرام چرس، 57 ڪلو 500 گرام گٽڪو ۽ ٽي مڻ 10 ڪلو گرام صحت لاءِ هاڃيڪار سوپاريون هٿ ڪري بين الصوبائي منشيات/اسمگلنگ گروھ جي 04 جوابدارن سيف الله ولد نعمت الله سومرو رھندڙ فيملي لائن جيڪب آباد ، عبدالصمد ولد گهرام لهر رھندڙ بهادرپور ، صفيع الله ولد حاڪم علي مهر رھندڙ شڪارپور، انور علي ولد منظور احمد مهر رھندڙ ضلعو شڪارپور کي گرفتار ڪري قانوني ڪارروائي ڪئي وئي آهي. 

مزید خبریں