سنڌ اسيمبلي جو اجلاس، معرڪه حق ۾ پاڪستان جي تاريخي فتح ۽ وطن عزيز جي دفاع لاءِ پاڪ فوج جي فخر جوڳي ڪارڪردگي تي قرارداد متفقه طور تي منظور

ڪراچي- 11 مئي (اي پي پي) سنڌ اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر سيد اويس قادر شاهه جي صدارت ۾ شروع ٿيو. ڪارروائي جي شروعات ۾ پاڪ فوج جي انهن شهيدن لاءِ فاتحه خواني پڻ ڪئي وئي، جن وطن جي دفاع لاءِ پنهنجيون جانيون قربان ڪيون. معرڪه حق ۾ پاڪستان جي تاريخي فتح ۽ وطن عزيز جي دفاع لاءِ پاڪ فوج جي فخر جوڳي ڪارڪردگي تي هڪ قرارداد متفقه طور تي منظور …

ڪراچي- 11 مئي (اي پي پي) سنڌ اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر سيد اويس قادر شاهه جي صدارت ۾ شروع ٿيو. ڪارروائي جي شروعات ۾ پاڪ فوج جي انهن شهيدن لاءِ فاتحه خواني پڻ ڪئي وئي، جن وطن جي دفاع لاءِ پنهنجيون جانيون قربان ڪيون. معرڪه حق ۾ پاڪستان جي تاريخي فتح ۽ وطن عزيز جي دفاع لاءِ پاڪ فوج جي فخر جوڳي ڪارڪردگي تي هڪ قرارداد متفقه طور تي منظور ڪري ورتي. قرارداد قائد ايوان سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پيش ڪئي هئي. قرارداد پيش ڪندي وڏي وزير چيو ته پاڪستان هندستان تڪبر مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو آهي، سڄي دنيا امن جي قيام لاءِ پاڪستان ڏانهن ڏسي رهي آهي. اسان جو ڀائر ملڪ ايران پاڪستان جي ماڻهن لاءِ ترانا ٺاهي رهيو آهي، صدر ٽرمپ کي جيڪڏهن دنيا ۾ امن لاءِ ڪو نالو ياد آهي ته اهو پاڪستان جي ليڊرشپ ۽ فوج ياد آهي، الله تعاليٰ اسان کي عزت ڏني آهي، اسان کي ان تي شڪر ادا ڪرڻ گهرجي. پنهنجي خطاب ۾ سيد مراد علي شاهه چيو ته اڄ اسان لاءِ تاريخي ڏينهن آهي، هڪ سال اڳ سڄي قوم، اسان جي فوج، اسان جي حڪومت ۽ اسان جي ميڊيا گڏجي دشمن کي منهن توڙ جواب ڏنو هو. هن چيو ته 1947ع ۾ هندستان چوندو هو ته هي ملڪ 6 مهينا نه هلندو پر الله جي فضل ۽ ڪرم سان پاڪستان قائم ۽ دائم آهي. مراد علي شاهه پاڪستان جي ائٽمي پروگرام جي حوالي سان چيو ته ان جي شروعات 20 جنوري 1972ع تي ٿي هئي، جڏهن شهيد ذوالفقار علي ڀٽو سڀني نامور سائنسدانن کي ملتان ۾ گهرايو هو. انهي ڏينهن ڀٽو فيصلو ڪيو ته پاڪستان کي ائٽمي ملڪ بڻايو ويندو. مئي 1998ع ۾ پاڪستان ائٽمي ڌماڪا ڪيا ۽ اهو پهرين مسلمان ائٽمي ملڪ بڻيو. هن چيو ته معرڪه حق جي موقعي تي پاڪستان هندستان تي جيڪا ڪاري دفاعي ضرب لڳائي آهي، اها ڪڏهن به وساري نٿو سگهي. مراد علي شاهه چيو ته هندستان هميشه پاڪستان کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي، هن گذريل سال 22 اپريل تي پنهنجن ئي بي وس ماڻهن تي پهلگام ۾ پاڻمرادو حملو ڪرايو ۽ هن ڪارروائي کان ٿوري دير بعد ان جو الزام پاڪستان تي لڳايو. پاڪستان حڪومت ۽ اسان جي ليڊرشپ فوري طور تي چيو ته توهان پهريان ان جي جاچ ڪريو، اسان توهان سان تعاون ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. اهو هندستان جو فالس فليگ آپريشن هو ۽ اسان کي خبر هئي ته هندستان جا ارادا ٻيا آهن. هن چيو ته هندستان پهريون ڀيرو 29 اپريل تي پاڪستان تي حملو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جيڪا پاڪستان فوج ناڪام بڻائي ڇڏي، ٻيو ڀيرو 7 مئي تي هندستان اسان جي شهرين تي حملو ڪيو. وڏي وزير چيو ته هندستان ميزائل هلايا، اسان جا عام شهري شهيد ٿيا پر ٿوري دير بعد پاڪ فضائيه بي مثال انداز ۾ ڪارروائي ڪئي، 7 ۽ 8 مئي جي وچ واري رات پاڪستان هندستان جو تڪبر ختم ڪري ڇڏيو. وڏي وزير چيو ته رافيل جهاز تمام سٺو آهي پر ان کي هلائڻ لاءِ همت گهرجي، هندستان جا 4 رافيل، هڪ مگ 29، هڪ ايس يو 13، هڪ ميراج 2000 پلس ۽ هڪ يو اي وي ماريو ويو، اها وڏي ڳالهه آهي ته پاڪستان جي شاھينن هندستان جا 8 جهاز ڪيرايا. مراد علي شاهه ياد ڏياريو ته اهو ٽوٽل آپريشن 25 منٽن جو هو، ڀارت جا 47 جهاز هوا ۾ هئا ۽ اهي سڀ اسان جي نشاني تي هئا، جيڪڏهن اسان چاهيون ها ته سڀ ماري ڪيرايون ها، پر جن حملو ڪيو انهن کي ماريو ويو. هن چيو ته پاڪستان تحمل جو مظاهرو ڪيو ۽ اسان جي قوم متحد هئي، هندستان ڊرون وسيلي جيڪي حملا ڪيا، اسان جي فوجن ۽ شهرين 77 کان وڌيڪ ماري ڪيرايا. مراد علي شاهه چيو ته هندستاني ميڊيا پروپئگنڊا ڪئي ته سڄو پاڪستان پنهنجي قبضي ۾ وٺي چڪي هئي، اهي ماڻهو ڪراچي پورٽ تباهه ڪري چڪا هئا، لاهور ۾ ويٺل هئا. وڏي وزير چيو ته ڪراچي پورٽ تي حملي جي پروپئگنڊا تي مون نيول اٿارٽيز سان رابطو ڪيو، جنهن تي نيول اٿارٽيز ٻڌايو ته اهي اڃا 200 ڪلوميٽر پري آهن ۽ هندستان کي پاڪستان تي حملو ڪرڻ جي همت ناهي. مراد علي شاهه چيو ته انڊين ائر فورس ۽ بري فوج ڪوشش ڪئي پر هندستاني نيوي ته همت ئي نه ڪئي. هن چيو ته اسان پنهنجي دفاع لاءِ مڪمل طور تي تيار هئاسين. هندستان 9 مئي جي رات دير سان ٻيهر حملا شروع ڪيا. نور خان ايئر بيس، رحيم يار خان ۽ سکر ۾ رات جو حملا ٿيا، مان انتظاميه سان رابطي ۾ هوس، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير اجازت ورتي ته هاڻي اسان کي پنهنجو دفاع ڪرڻ گهرجي. هندستان جي نام نهاد آپريشن ”سندور“ جي جواب ۾ پاڪستان فجر جي نماز وقت آپريشن ”بنيان مرصوص“ شروع ڪيو. مراد علي شاهه چيو ته پاڪستان هندستان جي 26 فوجي هدفن تي حملو ڪيو، جن ۾ سورت ڳڙهه، سرسا، ناليا، ڀٽنڊا، اونتي پور، سرينگر، ڄمون، اڌم پور، آدم پور، امبالا، پٺاڻ ڪوٽ پڻ شامل هئا. مراد علي شاهه چيو ته هندستان اسان جي عام شهرين تي حملو ڪيو پر اسان ڪنهن به هندستاني شهري کي نشانو نه بڻايو. هندستان جي بزدلي جي انتها هئي ته جنگ بندي بعد ٻولهاڙي تي حملو ڪيو ويو، جنهن ۾ اسان جي ايئر فورس جا جوان شهيد ٿيا پر اسان جي شاھينن ماهر اندازي سان جي ايف 17 سان بهترين مقابلو ڪيو. اهي جهاز صدر آصف علي زرداري پنهنجي پهرين دور جي صدارت ۾ چين مان ورتا هئا ۽ وزيراعظم يوسف رضا گيلاني جي ايف 17 جو افتتاح ڪيو هو. وڏي وزير چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي ملڪ لاءِ جدوجهد ڏسو، شهيد ڀٽو جي ڪري اسان ائٽمي طاقت آهيون. جيڪڏهن اسان ائٽمي طاقت نه هجون ها ته اسان جي خلاف ڇا ٿي رهيو هجي ها. شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميزائل ٽيڪنالاجي ڏني، جنهن سان اسان هندستاني حملي کي ناڪام بڻايو. مراد علي شاهه چيو ته تازو ئي صدر آصف علي زرداري هنگول سب مارين وٺي آيو آهي، جيڪو پاڪستان جي دفاع کي ناقابل تسخير بڻائڻ لاءِ اهم آهن. هن چيو ته اسان هندستان جو تڪبر تباهه ڪري ڇڏيو، پاڪستان هندستان جي سائبر سائيٽ کي جام ڪري ڇڏيو هو، جنهن تي هو پريشان ٿي ويا هئا. اسان جنگ کي ڊگھو ڪري هندستان کي وڌيڪ نقصان ڏئي سگهون پيا پر اسان امن پسند ملڪ آهيون، ان ڪري هندستان جي جنگبندي جي پهرين درخواست تي اسان حملا بند ڪري ڇڏيا. هن چيو ته اسان کي خوشي آهي ته هر زنده قوم اهڙن موقعن کي مڪمل طور تي ملهايو. هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ سنڌ حڪومت هميشه ملڪ جي دفاع ۾ اڳتي رهندي. اسان جي قيادت ۽ اسان جا جيالا پاڪستان لاءِ هميشه حاضر آهن. مان چاهيان ٿو ته سنڌ اسيمبلي هي قرارداد متفقه طور تي منظور ڪري. اپوزيشن ليڊر علي خورشيدي تقرير ۾ چيو ته دشمن رات جي اونداهي ۾ آيو پر هندستان کي پوئتي هٽڻ ۽ شرمندگي برداشت ڪرڻي پئي. پاڪ فوج جنهن انداز ۾ جواب ڏنو، اهو جواب سڄي قوم جو جواب هو. هن چيو ته پاڪ فوج هندستان جو سڄو ڏيج مٽي ۾ ملائي ڇڏيو. قانون واري وزير ضياءَ لنجار چيو ته اسان جي فوج وڏي ڪاميابي حاصل ڪئي، معرڪه حق جي ڪاميابي تي سڄي قوم کي مبارڪون پيش ڪريان ٿو. صوبائي وزير ناصر حسين شاهه چيو ته معرڪه حق جي ڪاميابي کان پوءِ هاڻي هر پاڪستاني سر اٽڪائي پيو هلندو، دنيا ۾ هر طرف پاڪستان جو نالو آهي. پاڪ فوج پاڪستان جي هر انچ جو دفاع ڪري رهي آهي ۽ قربانيون ڏئي رهي آهي. جنگ ۾ فيلڊ مارشل سميت سياسي قيادت اهم ڪردار ادا ڪيو. ايم ڪيو ايم جي اقليتي ميمبر مھيش ڪمار چيو ته هي ملڪ اسان سڀني جو آهي، چاهي مسلمان هجي يا غير مسلم، پاڪستان جي نالي تي اسان سڀ متحد آهيون. ايم ڪيو ايم جي ميمبر افتخار عالم چيو ته سندن پارٽي هن قرارداد جي حمايت ڪري ٿي ۽ اسان پاڪ فوج کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا. هن فيلڊ مارشل عاصم منير جي قائداڻي صلاحيتن جي تعريف ڪئي. پيپلز پارٽي جي سعديه جاويد چيو ته پاڪستان دنيا ۾ پنهنجي سڃاڻپ مڃرائي ورتي آهي، اڄ سڄي دنيا پاڪستان ڏانهن ڏسي رهي آهي. پيپلز پارٽي جي گيانچند ايسراڻي چيو ته پاڪستان جا هندو، مسلم، سک، پارسي سڀ پاڪستان جا شهري آهن، وطن عزيز لاءِ سڀني جا جذبا هڪجهڙا آهن. پنهنجن شهيدن ۽ غازين کي سلام پيش ڪريان ٿو. جماعت اسلامي جي محمد فاروق چيو ته معرڪه حق ۾ پاڪ فضائيه هندستان جو ڏيج مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو. اسان جو دشمن پاڻ کي فوجي لحاظ کان اسان کان مٿي سمجهندو هو، کيس خبر پئجي وئي. اسان جنگون بند ڪرائيندڙ ماڻهو آهيون، رت وهائيندڙ ماڻهو نه آهيون. ڪشمير مسئلو به جلد کان جلد حل ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته جماعت اسلامي طرفان فوجي ۽ سياسي قيادت کي مبارڪون پيش ڪريان ٿو. بعد ۾ ايوان قرارداد متفقه طور تي منظور ڪري ورتي. ايوان ۾ مجموعي طور تي 17 ميمبرن تقريرون ڪيون، جن ۾ امداد پتافي، سجاد سومرو، ڄام شبير، شبير قائم خاني، جمال احمد، سردار شاهه، ڄام خان شورو پڻ شامل هئا. قرارداد جي منظوري کان پوءِ سنڌ اسيمبلي جو اجلاس اڱاري جي صبح يارنهين وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو.

مزید خبریں