ڪراچي- 11 مئي (اي پي پي) سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته فلمي منصوبن جو بنيادي مقصد قومي بيانئي کي ھٿي وٺرائڻ، معاشري ۾ ھاڪاري لاڙن کي اجاگر ڪرڻ آھي. هن چيو ته سنڌ حڪومت فلمي صنعت جي بحالي ۽ اُن کي ھٿي وٺرائڻ لاءِ سنجيدا قدم کڻي رھي آھي، اسان چاھيون ٿا ته پاڪستان، خاص طور …
سنڌ حڪومت فلمي صنعت جي بحالي ۽ اُن کي ھٿي وٺرائڻ لاءِ سنجيدا قدم کڻي رھي آھي: شرجيل انعام ميمڻ

مزید خبریں
ڪراچي- 11 مئي (اي پي پي) سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته فلمي منصوبن جو بنيادي مقصد قومي بيانئي کي ھٿي وٺرائڻ، معاشري ۾ ھاڪاري لاڙن کي اجاگر ڪرڻ آھي. هن چيو ته سنڌ حڪومت فلمي صنعت جي بحالي ۽ اُن کي ھٿي وٺرائڻ لاءِ سنجيدا قدم کڻي رھي آھي، اسان چاھيون ٿا ته پاڪستان، خاص طور تي سنڌ جي اصل ثقافت، تاريخ ۽ معاشرتي سونھن کي جديد انداز ۾ دُنيا جي آڏو پيش ڪيو وڃي. اهڙو اظهار هن اطلاعات کاتي جي ھڪ اجلاس جي صدارت دوران ڪيو. اجلاس ۾ ميڊيا ھائوسز ۽ صحافين لاءِ سنڌ حڪومت جي قدمن ۽ سھولتن جو جائزو ورتو ويو. اطلاعات کاتي تحت مڪمل ٿيندڙ فلمي منصوبن جي مستقبل، مشهوري ۽ جوڳي استعمال بابت اھم فيصلا ڪيا ويا. اجلاس ۾ اطلاعات کاتي جي نگراني ۾ تيار ٿيندڙ فلم پروجيڪٽس جي پروموشن بابت حڪمت عملي تي بھ خيالن جي تفصيلي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي ڳالھائيندي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ ھو تھ ھاڪاري ۽ ذميواراڻي صحافت معاشرتي ترقي ۾ اھم حيثيت رکي ٿي، سنڌ حڪومت ميڊيا ھائوسز ۽ صحافين سان سھڪار کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ چاھي ٿي.











