حيدرآباد- 11 مئي (اي پي پي) سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن چيو آهي ته گڏيل چٽاڀيٽي امتحان سي سي اي 2024ع جي نتيجن ۾ ڪاميابي سان ھمڪنار نه ٿيندڙ اميدوارن ۾ بيچيني ڏسڻ ۾ اچي رهي آهي، جنھن جو بنيادي سبب امتحاني نتيجن ۾ تمام گھٽ اميدوارن جو ڪامياب ٿيڻ آھي. ڪميشن پنهنجي وضاحتي بيان ۾ واضح ڪيو آهي ته جوابي ڪاپين جي جاچ ۽ اميدوارن جي مجموعي ڪارڪردگي جو جائزو …
سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن حيدرآباد پاران چٽاڀيٽي امتحانن بابت وضاحت جاري

مزید خبریں
حيدرآباد- 11 مئي (اي پي پي) سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن چيو آهي ته گڏيل چٽاڀيٽي امتحان سي سي اي 2024ع جي نتيجن ۾ ڪاميابي سان ھمڪنار نه ٿيندڙ اميدوارن ۾ بيچيني ڏسڻ ۾ اچي رهي آهي، جنھن جو بنيادي سبب امتحاني نتيجن ۾ تمام گھٽ اميدوارن جو ڪامياب ٿيڻ آھي. ڪميشن پنهنجي وضاحتي بيان ۾ واضح ڪيو آهي ته جوابي ڪاپين جي جاچ ۽ اميدوارن جي مجموعي ڪارڪردگي جو جائزو وٺڻ مڪمل طور تي امتحان وٺندڙن جو اختيار آهي، جڏهن ته ڪميشن جو ان عمل ۾ ڪو به عمل دخل ناهي ۽ نه ئي اها امتحان وٺندڙن تي سختي يا نرمي بابت اثرانداز ٿي سگهي ٿي. ڪميشن افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڪجهه اميدوار احتجاجي رويو اختيار ڪري رهيا آهن، جڏهن ته ڪجهه مفاد پرست عنصر کين قانون هٿ ۾ وٺڻ لاءِ اُڪسائي رهيا آهن، جيڪا صورتحال قابلِ مذمت ۽ غير مناسب آهي. ڪميشن اميدوارن کي صلاح ڏني آهي ته جيڪڏهن ڪنهن کي نتيجن بابت ڪو جائز اعتراض يا شڪايت هجي ته هو ريگوليشن 161 (Recruitment Management Regulations-2023) تحت باقاعده درخواست جمع ڪرائين، جنهن تي قانون موجب منصفاڻو جائزو وٺي مناسب فيصلو عمل ۾ آندو ويندو. پريس رليز موجب عدالتي حڪمن جي روشني ۾ گڏيل چٽاڀيٽي امتحان هر سال باقاعدگي سان منعقد ڪيا پيا وڃن ته جيئن شفافيت ۽ تسلسل کي يقيني بڻائي سگهجي. ناڪام ٿيل اميدوارن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته هو ايندڙ امتحان لاءِ وڌيڪ محنت ۽ جذبي سان تياري ڪن. سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پنهنجي عزم کي ورجائيندي چيو آهي ته امتحاني عمل ۾ شفافيت، ميرٽ ۽ ايمانداري کي يقيني بڻائڻ لاءِ هر ممڪن قدم کنيا پيا وڃن، جڏهن ته عوام ۽ اميدوارن کي اپيل ڪئي وئي آهي ته هو بي بنياد پروپيگنڊا کان پاسو ڪن ۽ پنهنجي محنت جاري رکن.











