حيدرآباد پوليس جون منشيات فروشن خلاف ڪارروائيون جاري

حيدرآباد- 11 مئي (اي پي پي) حيدرآباد جي مختلف ٿاڻن جي پوليس منشيات فروشن ۽ سماجي براين ۾ ملوث جوابدارن خلاف الڳ الڳ ڪارروائيون ڪري شفقت انصاري، رحمت ٽانوري، صدام جتوئي، حنيف شاهه ۽ ٻين کي گرفتاري ڪري انهن جي قبضي مان وڏي پيماني تي شراب، گٽڪو، مين پڙيون ۽ هڪ ڪار هٿ ڪئي آهي. ايس ايس پي حيدرآباد جي ترجمان پاران جاري ڪيل خبر موجب ڪارروائيون سائيٽ ٿاڻو، ٽنڊو …

حيدرآباد- 11 مئي (اي پي پي) حيدرآباد جي مختلف ٿاڻن جي پوليس منشيات فروشن ۽ سماجي براين ۾ ملوث جوابدارن خلاف الڳ الڳ ڪارروائيون ڪري شفقت انصاري، رحمت ٽانوري، صدام جتوئي، حنيف شاهه ۽ ٻين کي گرفتاري ڪري انهن جي قبضي مان وڏي پيماني تي شراب، گٽڪو، مين پڙيون ۽ هڪ ڪار هٿ ڪئي آهي. ايس ايس پي حيدرآباد جي ترجمان پاران جاري ڪيل خبر موجب ڪارروائيون سائيٽ ٿاڻو، ٽنڊو ڄام، پنياري، لطيف آباد بي سيڪشن ۽ اي سيڪشن ٿاڻن جي پوليس پاران ڪيون ويون. ترجمان موجب گرفتار ٿيل جوابدارن جي خلاف الڳ الڳ ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.

مزید خبریں