ڊويزنل ڪمشنر پاران لواري شريف ۽ ان جي پنج ميل جي دائري ۾7 ذوالحج کان 11 ذوالحج 1447 هجري تائين قلم 144 لاڳو

حيدرآباد- 11 مئي (اي پي پي) اطلاعات کاتي حيدرآباد پاران جاري ڪيل خبر موجب ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد فياض حسين عباسي ڳوٺ لواري شريف ۽ ان جي پنج ميل جي دائري ۾7 ذوالحج کان 11 ذوالحج 1447 هجري تائين قلم 144 لاڳو ڪري ميڙاڪن /جلسن، جلوسن ۽ ان جو حصو ٿيڻ، پنج يا ان کان وڌيڪ ماڻهن جي گڏ ٿيڻ، لواري شريف ۾ غير مقامي ماڻهن جي آمد، مختلف هٿيار رکڻ …

حيدرآباد- 11 مئي (اي پي پي) اطلاعات کاتي حيدرآباد پاران جاري ڪيل خبر موجب ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد فياض حسين عباسي ڳوٺ لواري شريف ۽ ان جي پنج ميل جي دائري ۾7 ذوالحج کان 11 ذوالحج 1447 هجري تائين قلم 144 لاڳو ڪري ميڙاڪن /جلسن، جلوسن ۽ ان جو حصو ٿيڻ، پنج يا ان کان وڌيڪ ماڻهن جي گڏ ٿيڻ، لواري شريف ۾ غير مقامي ماڻهن جي آمد، مختلف هٿيار رکڻ يا ان جي نمائش ڪرڻ، ڪهاڙي ۽ لٺ کڻي هلڻ، پٿرن جو جمع ڪرڻ، مذهبي موسيقي/ ترانن، تقريرن، پوسٽرز، پلي ڪارڊ/ پمفليٽ ورهائڻ يا لڳائڻ ۽ اهڙو ڪنهن به قسم جو عمل ڪرڻ جنهن سان مصنوعي حج جو تاثر پيدا ٿئي تي پابند لاڳوڪري ڇڏي آهي.

مزید خبریں