شڪيرا پاران سال 2026ع جي فيفا ورلڊ ڪپ لاءِ نئون گانو جاري

برازيل- 11 مئي (اي پي پي) پاپ اسٽار شڪيرا فيفا ورلڊ ڪپ 2026ع لاءِ آفيشل گانو ڊائي ڊائي ريليز ڪيو آهي جيڪو هڪ ڀيرو ٻيهر فٽبال ۽ موسيقي کي عالمي سطح تي نمايان ڪري رهيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب 49 سالن جي ڳائڻي سوشل ميڊيا پليٽ فارم تي برازيل جي مشهور ميچ اسٽيڊيم مارا ڪانا تان هڪ وڊيو شيئر ڪيو جنهن ۾ سندس نئين گاني جي جهلڪ ڏسڻ ۾ آئي …

برازيل- 11 مئي (اي پي پي) پاپ اسٽار شڪيرا فيفا ورلڊ ڪپ 2026ع لاءِ آفيشل گانو ڊائي ڊائي ريليز ڪيو آهي جيڪو هڪ ڀيرو ٻيهر فٽبال ۽ موسيقي کي عالمي سطح تي نمايان ڪري رهيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب 49 سالن جي ڳائڻي سوشل ميڊيا پليٽ فارم تي برازيل جي مشهور ميچ اسٽيڊيم مارا ڪانا تان هڪ وڊيو شيئر ڪيو جنهن ۾ سندس نئين گاني جي جهلڪ ڏسڻ ۾ آئي آهي. ان گاني ۾ نائيجيريا جي ڳائڻي به شامل آهي. اهو گانو 14 مئي تي باقاعده طور تي رليز ڪيو ويندو. وڊيو ۾ مختلف ملڪن جي قومي ٽيمن جي ڊانسرز کي رنگين لباسن ۾ ڏيکاريو ويو آهي، جڏهن ته 2026ع جو فيفا ورلڊ ڪپ 11 جون کان 19 جون تائين آمريڪا، ڪينيڊا ۽ ميڪسيڪو ۾ گڏيل طور تي منعقد ٿيندو جتي ڊائي ڊائي کي ايونٽ جو مرڪزي ميوزيڪل ٿيم قرار ڏنو پيو وڃي.

مزید خبریں