انا تي ضابطو ۽ خود احتسابي هڪ مهذب سماج جو بنياد آهي: وڏو وزير سيد مراد علي شاهه

ڪراچي- 11 مئي (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه انا بابت آگاهي واري عالمي ڏھاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته انا تي ضابطو ۽ خود احتسابي هڪ مهذب سماج جو بنياد آهي. هن چيو ته هي ڏينهن عاجزي، برداشت ۽ مثبت روين جي واڌاري جو درس ڏئي ٿو. وڏي وزير چيو ته سماج ۾ هم آهنگي، برداشت ۽ امن جي قيام …

ڪراچي- 11 مئي (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه انا بابت آگاهي واري عالمي ڏھاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته انا تي ضابطو ۽ خود احتسابي هڪ مهذب سماج جو بنياد آهي. هن چيو ته هي ڏينهن عاجزي، برداشت ۽ مثبت روين جي واڌاري جو درس ڏئي ٿو. وڏي وزير چيو ته سماج ۾ هم آهنگي، برداشت ۽ امن جي قيام لاءِ جذباتي شعور انتهائي ضروري آهي. هن چيو ته انا پرستي انسانن جي وچ ۾ فاصلا پيدا ڪري ٿي، جڏهن ته شعور، محبت ۽ انسانيت جو احترام ماڻهن کي هڪ ٻئي جي ويجهو آڻي ٿو. سيد مراد علي شاهه چيو ته نوجوان نسل ۾ برداشت، همدردي ۽ خود آگاهي کي هٿي ڏيڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. هن ان عزم جو اظهار ڪيو ته سنڌ حڪومت ذهني صحت، سماجي هم آهنگي ۽ مثبت انساني روين جي واڌاري لاءِ پُرعزم آهي. هن عوام کي اپيل ڪئي ته اڄوڪي ڏينهن سندن روين جو جائزو وٺي هڪ بهتر، پُرامن ۽ گڏيل احترام تي ٻڌل سماج جي اڏاوت ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن.

مزید خبریں