شرجيل انعام ميمڻ پاران معرڪه حق کي هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي قوم کي واڌايون

ڪراچي- 10 مئي (اي پي پي) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ معرڪه حق کي هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي قوم کي واڌايون ڏنيون آهن. پنهنجي هڪ پيغام ۾ شرجيل انعام ميمڻ چيو ته هڪ سال اڳ پاڪستان هندستان جو سندور مٽائي ڇڏيو. معرڪه حق فقط هڪ جنگ نه پر قوم جي اتحاد، حوصلي ۽ پاڪستان سان محبت جو داستان آهي. هن چيو ته هڪ سال اڳ قوم جنهن …

ڪراچي- 10 مئي (اي پي پي) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ معرڪه حق کي هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي قوم کي واڌايون ڏنيون آهن. پنهنجي هڪ پيغام ۾ شرجيل انعام ميمڻ چيو ته هڪ سال اڳ پاڪستان هندستان جو سندور مٽائي ڇڏيو. معرڪه حق فقط هڪ جنگ نه پر قوم جي اتحاد، حوصلي ۽ پاڪستان سان محبت جو داستان آهي. هن چيو ته هڪ سال اڳ قوم جنهن جرئت، استقامت ۽ اتحاد جو مظاهرو ڪيو، اهو تاريخ ۾ سونهري اکرن ۾ لکيو ويندو. هن چيو ته معرڪه حق اهو ثابت ڪيو ته دنيا جي ڪا به طاقت پاڪستان ڏانهن ميري اک سان نه ٿي ڏسي سگهي. پاڪ فوج جي جوانن هميشه پنهنجن جانين جو نذرانو پيش ڪري وطن عزيز جي دفاع کي فتح نه ٿيڻ جوڳو بڻايو. هن وڌيڪ چيو ته اسان پنهنجن شهيدن ۽ غازين جي قربانين کي ڪڏهن به نه وسارينداسين. پاڪستان جي سلامتي ۽ قومي وقار لاءِ سڄي قوم شيهي جي ديوار بڻجي ويندي آهي. سنڌ حڪومت ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي هميشه ملڪ جي سلامتي، جمهوريت ۽ قوم جي ڀلائي لاءِ ڪردار ادا ڪندي رهي آهي. شهيد ڀٽو ۽ شهيد بي بي جي ملڪي دفاع ۽ ڀلائي لاءِ جدوجهد عوام لاءِ معشل راهه آهي. هن چيو ته اسان کي معرڪه حق جي جذبي کي زنده رکندي ملڪ ۾ امن، ترقي، برداشت ۽ ڀائپي کي زور وٺائڻو پوندو.

مزید خبریں