لاڙڪاڻو- 10 مئي (اي پي پي) لاڙڪاڻي ۾ فنڪشنل ليگ اڳواڻ ۽ اڳوڻي ايم پي اي معظم علي عباسي جي ميزباني هيٺ 9 مئي تي ”معرڪه حق“ جي خوشي ۾ پام ليڪ ولاز هائوسنگ سوسائٽي ۾ تقريب ۽ ميوزيڪل نائيٽ جو اهتمام ڪيو ويو، جنهن ۾ خاص مهمان فنڪشنل ليگ اڳواڻ سيد محمد راشد شاهه راشدي، جي ڊي اي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر صفدر علي عباسي، معظم علي عباسي، بئريسٽر ڪاظم …
لاڙڪاڻو: فنڪشنل ليگ اڳواڻ معظم علي عباسي جي ميزباني هيٺ ”معرڪه حق“ جي خوشي ۾ پام ليڪ ولاز هائوسنگ سوسائٽي ۾ تقريب ۽ ميوزيڪل نائيٽ جو اهتمام

مزید خبریں
لاڙڪاڻو- 10 مئي (اي پي پي) لاڙڪاڻي ۾ فنڪشنل ليگ اڳواڻ ۽ اڳوڻي ايم پي اي معظم علي عباسي جي ميزباني هيٺ 9 مئي تي ”معرڪه حق“ جي خوشي ۾ پام ليڪ ولاز هائوسنگ سوسائٽي ۾ تقريب ۽ ميوزيڪل نائيٽ جو اهتمام ڪيو ويو، جنهن ۾ خاص مهمان فنڪشنل ليگ اڳواڻ سيد محمد راشد شاهه راشدي، جي ڊي اي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر صفدر علي عباسي، معظم علي عباسي، بئريسٽر ڪاظم علي عباسي، مير مظفر بروهي، محمد علي هڪڙو، رافع علي عباسي، نور احمد جتوئي، عامر ڀٽو، پروگرام جي آرگنائيزر عابد عباسي، مير بهادر خان مگسي، عبدالرزق مگسي، سينئر صحافي راجا خان گاڏهي، رجب خان جاگيراڻي سميت ٻين اڳواڻن، ڪارڪنن ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. تقريب جي شروعات قومي تراني سان ڪئي وئي، جڏهن ته ملڪ جي ناليوارن فنڪارن صنم ماروي، حميرا چنا، مزاحيه فنڪارن اصغر کوسو، علي گل ملاح، لوڪ فنڪارن ساجد ۽ واحد بخش پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري خوب داد وصول ڪيو. شرڪت ڪندڙن قومي جهنڊا هٿن ۾ کڻي پاڪستان زنده باد، پاڪ فوج زنده باد جا نعرا هڻي ”معرڪو حق“ جي جذبي کي ڀرپور انداز ۾ ڀيٽا پيش ڪئي. ان موقعي تي معظم علي عباسي، ڊاڪٽر صفدر علي عباسي، ڪاظم علي عباسي، رافع علي عباسي ۽ علي خان عباسي آيل مهمانن ۽ شرڪت ڪندڙ لاڙڪاڻي جي عوام جا دل جي گهراين سان ٿورا مڃيا. هنن پنهنجي خطاب ۾ چيو ته 9 مئي 2025ع تي حق ۽ باطل جي وچ ۾ جيڪا جنگ هئي، ان جنگ ۾ پاڪستان ڪاميابي ماڻي ان جو سمورو ڪريڊٽ پاڪ فوج، پاڪ فضائيه ۽ پاڪ نيوي ڏانهن وڃي ٿو، ڌرتي جي سپوتن دشمن کي منهن ٽوڙ جواب ڏئي پوري دنيا ۾ پاڪستاني قوم جو ڳاٽ اوچو ڪيو آهي. هنن چيو ته پاڪستان هميشه ظلم خلاف مضبوط ٿي بيٺو آهي ۽ پاڪستان ٺاهيندڙن انصاف، سچائي ۽ معرڪه حق لاءِ وڏيون قربانيون ڏنيون آهن، جن کي ڪڏهن به وساري نه ٿو سگهجي.











