خيرپور ۾ پاڪ فوج سان اظهار يڪجهتي ۽ معرڪه حق رڪشا ريلي ڪڍي وئي

خيرپور- 10 مئي (اي پي پي) خيرپور ۾ سول سوسائٽي طرفان معرڪه حق جي عنوان سان پاڪ فوج سان اظهار يڪجهتي لاءِ منفرد رڪشا ريلي ڪڍي وئي، جيڪا سنڌو نرسنگ اسڪول کان لقمان ڦاٽڪ تائين جاري رهي. ريلي جي قيادت ڪامران آريجو، دادن خان، اسد لاڙڪ، نويد بلوچ ۽ ٻين اڳواڻن ڪئي. ان موقعي تي مقررن جو چوڻ هو پاڪ فوج جي جوانن، بهادري ۽ پيشيواراڻي صلاحيتن ذريعي پاڪ ڀارت …

خيرپور- 10 مئي (اي پي پي) خيرپور ۾ سول سوسائٽي طرفان معرڪه حق جي عنوان سان پاڪ فوج سان اظهار يڪجهتي لاءِ منفرد رڪشا ريلي ڪڍي وئي، جيڪا سنڌو نرسنگ اسڪول کان لقمان ڦاٽڪ تائين جاري رهي. ريلي جي قيادت ڪامران آريجو، دادن خان، اسد لاڙڪ، نويد بلوچ ۽ ٻين اڳواڻن ڪئي. ان موقعي تي مقررن جو چوڻ هو پاڪ فوج جي جوانن، بهادري ۽ پيشيواراڻي صلاحيتن ذريعي پاڪ ڀارت جنگ ۾ دشمن کي تاريحي شڪست ڏئي قوم جو ڳاٽ اونچو ڪيو. اڳواڻن چيو ته پاڪ فوج نه صرف جنگي حالتن پر ٻوڏ ۽ ٻين هنگامي صورتحال ۾ به عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ مثالي خدمتون انجام ڏنيون، مقررن مطابق ڀارت جي تمام سازشن کي پاڪ فوج ناڪام بڻايو، جنهن سبب اڄ پاڪستاني عوام سک جو ساهه کڻي رهيو آهي. هنن ان عزم جو اظهار ڪيو ته پوري قوم هر قدم تي پاڪ فوج سان گڏ بيٺل آهي ۽ شهيدن ۽ غازين جي قربانين کي ڪڏهن به فراموش نه ڪيو ويندو. 

مزید خبریں