ڪوئٽا - 10 مئي (اي پي پي) ڪوئٽا ۾ معرکه حق ۾ تاريخي فتح جي حوالي سان پروقار تقريب منعقد ڪئي وئي. تقريب ۾ بلوچستان اسيمبلي جي اسپيڪر، صوبائي وزيرن، آءِ جي پوليس، اقليتي نمائندن، اعليٰ فوجي ۽ سول اختيارين ۽ شهيدن جي وارثن، يونيورسٽين ۽ ڪاليجن جي شاگردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.بلوچستان جي گورنر، وڏي وزير ۽ ڪور ڪمانڊر شهيدن جي يادگارن تي گلن جون چاڙهيون ۽ فاتحه …
ڪوئٽا ۾ معرڪه حق ۾ تاريخي فتح جي حوالي سان پروقار تقريب منعقد

مزید خبریں
ڪوئٽا – 10 مئي (اي پي پي) ڪوئٽا ۾ معرکه حق ۾ تاريخي فتح جي حوالي سان پروقار تقريب منعقد ڪئي وئي. تقريب ۾ بلوچستان اسيمبلي جي اسپيڪر، صوبائي وزيرن، آءِ جي پوليس، اقليتي نمائندن، اعليٰ فوجي ۽ سول اختيارين ۽ شهيدن جي وارثن، يونيورسٽين ۽ ڪاليجن جي شاگردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.بلوچستان جي گورنر، وڏي وزير ۽ ڪور ڪمانڊر شهيدن جي يادگارن تي گلن جون چاڙهيون ۽ فاتحه خواني ڪئي ۽ شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو، اعليٰ فوجي ۽ سول اختيارين شهيدن جي يادگار تي حاضري ڀري. دوست ملڪن جي فوجي آفيسرن ۽ وفدن به شهيدن جي يادگارن تي حاضري ڀري ۽ گلن جون چادڙون چاڙهيون. شهيدن جي وارثن وطن تي قربان ٿيندڙ سمورن شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو.تقريب ۾شرڪت ڪندڙن چيو ته اڄ جو ڏينهن پوري قوم لاءِ فتح، اتحاد ۽ قربانين کي ياد ڪرڻ جو ڏينهن آهي. شهيدن جي عظيم قربانين عيوض اڄ پاڪستان جو وقار ۽ شان سڄي دنيا ۾ بلند آهي.











