لاهور- 10 مئي(اي پي پي) معرڪه حق کي هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي لاهور ۾ شهيدن جي يادگار تي پروقار تقريب منعقد ڪئي وئي. صوبائي وزيرن، چيف سيڪرٽري، سول ۽ عسڪري اختيارين ۽ شهرين جي وڏي انگ تقريب ۾ شرڪت ڪئي. تفصيل مطابق ڪور ڪمانڊر لاهور تقريب ۾ خاص مهمان طور شريڪ ٿيو ۽ شهيدن جي يادگار تي گلن جي چادر چاڙهي ۽ فاتحه خواني ڪئي. پاڪ فوج جي چست جٿي …
معرڪه حق کي هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي لاهور ۾ شهيدن جي يادگار تي پروقار تقريب منعقد

مزید خبریں
لاهور- 10 مئي(اي پي پي) معرڪه حق کي هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي لاهور ۾ شهيدن جي يادگار تي پروقار تقريب منعقد ڪئي وئي. صوبائي وزيرن، چيف سيڪرٽري، سول ۽ عسڪري اختيارين ۽ شهرين جي وڏي انگ تقريب ۾ شرڪت ڪئي. تفصيل مطابق ڪور ڪمانڊر لاهور تقريب ۾ خاص مهمان طور شريڪ ٿيو ۽ شهيدن جي يادگار تي گلن جي چادر چاڙهي ۽ فاتحه خواني ڪئي. پاڪ فوج جي چست جٿي طرفان سلامي پيش ڪئي وئي. تقريب جي پڄاڻي تي ملڪ جي سلامتي، استحڪام ۽ شهيدن جي درجن جي بلندي لاءِ خاص دعا ڪئي وئي.











