اڳوڻي صوبائي وزير اي پي اي انور سهيل سيال جي ميزباني ۾ معرڪه حق جي حوالي سان پوليس ٽريننگ اسڪول ۾ رنگا رنگ تقريب منعقد

لاڙڪاڻو – 10 مئي اي پي پي) لاڙڪاڻي ۾ اڳوڻي صوبائي گهرو وزير ايم پي اي سهيل انور سيال جي ميزبانيءَ ۾ مئي 2025ع ۾ پاڪستان جي معرڪه حق جي حوالي سان ڀارت خلاف جنگ ۾ شاندار ڪاميابي کي سال مڪمل ٿيڻ جي خوشيءَ ۾ پاڪ فوج، پاڪ نيوي ۽ پاڪ فضائيه سان اظهار يڪجهتي طور شهر جي پوليس ٽريننگ اسڪول ۾ رنگارنگ تقريب منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ ايم …

لاڙڪاڻو – 10 مئي اي پي پي) لاڙڪاڻي ۾ اڳوڻي صوبائي گهرو وزير ايم پي اي سهيل انور سيال جي ميزبانيءَ ۾ مئي 2025ع ۾ پاڪستان جي معرڪه حق جي حوالي سان ڀارت خلاف جنگ ۾ شاندار ڪاميابي کي سال مڪمل ٿيڻ جي خوشيءَ ۾ پاڪ فوج، پاڪ نيوي ۽ پاڪ فضائيه سان اظهار يڪجهتي طور شهر جي پوليس ٽريننگ اسڪول ۾ رنگارنگ تقريب منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ ايم پي اي سهيل انور سيال، ايم پي اي جميل احمد سومرو، ايم پي اي عادل الطاف انڙ، ترجمان سنڌ حڪومت بلند خان جوڻيجو، پيپلز پارٽي تعلقي باقراڻي جي صدر طارق انور سيال، چيئرمين دڙي ٽائون شاهه رخ انور سيال، سنڌ جي وڏي وزير جي خاص معاون خير محمد شيخ، چيئرمين ڊسٽرڪٽ ڪائونسل لاڙڪاڻو اعجاز احمد لغاري، ميئر لاڙڪاڻو ايڊووڪيٽ انور علي لُهر، محمد علي ٻگهيو، غلام رسول لغاري سميت پيپلزپارٽي جي مرد ۽ عورت اڳواڻن، ڪارڪنن سميت شهرين وڏي انگ شرڪت ڪئي. تقريب جي شروعات ۾ قومي ترانو پيش ڪري شاندار آتشبازي جو مظاهرو ڪيو ويو. بعد ۾ ملڪ جي ناليوارن فنڪارن حديقه ڪياني، ساحر بگا، احمد مغل، تحسين سڪينه، فرزانه بهار، بگٽي برادرس سميت ٻين فنڪارن اردو، سنڌي، بلوچي ۽ ٻين ٻولين ۾ ملي نغما ۽ ثقافتي گيت ڳائي اتي موجود ماڻهن کي جهومائي ڇڏيو. تقريب دوران شرڪت ڪندڙن قومي جهنڊا هٿن ۾ کڻي پاڪستان زندهه آباد، پاڪ فوج زندهه آباد جا نعرا هنيا.

پاڪ فوج کي خراج تحسين پيش ڪرڻ لاءِ اسڪولي ٻارن ٽيبلوز پيش ڪري ملي نغمن تي رقص ڪري خوب داد حاصل ڪيو. تقريب کي خطاب ڪندي ايم پي سهيل انور سيال چيو ته آئون سپه سالار فيلڊ مارشل جنرل عاصم منير جو ٿورائتو آهيان جنهن پاڪ فوج جي سپريم ليڊر صدر آصف علي زرداريءَ جي اڳواڻيءَ ۾ پاڪستان هندوستان جنگ ۾ شاندار فتح حاصل ڪندي پوري دنيا ۾ اسان پاڪستانين جو ڳاٽ اوچو ڪيو، جنرل عاصم منير نه صرف جنگي محاذ پر سفارتي محاذ تي به 47 سالن کان پوءِ آمريڪا ۽ ايران کي سيز فائر ڪرڻ لاءِ هڪ ميز تي ويهاري تاريخي ڪارنامو سرانجام ڏنو ۽ ثابت ڪيو ته پاڪستاني قوم ۽ پاڪستاني فوج امن ڪرائڻ ۾ به پوري دنيا ۾ سڀني کان اڳتي آهي. هن چيو ته 9 مئي جي جنگ کانپوءِ پاڪ فوج، پاڪ فضائيه، پاڪ بحريه ۽ پاڪستاني عوامي جي يڪجهتي جي ڪري  پاڪستان جو وقار پوري دنيا ۾ بلند ٿيو تنهن ڪري اڄ اسان ان ڏينهن کي شاندار طريقي سان ملهائي رهيا آهيون. هن چيو ته 9 مئي کانپوءِ مودي سرڪار ڪوڙي پروپگينڊه ڪري پنهنجي وفد کي پوري دنيا ۾ موڪليو ته ان وقت اسان جي نوجوان چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سفارتي محاذ تي هندوستان جي ڪوڙي پروپگينڊه کي پوري دنيا آڏو وائکو ڪري سفارتي محاذ تي ڪاميابي حاصل ڪئي. ايم پي اي جميل احمد سومرو خطاب ڪندي چيو ته پاڪ فوج معرڪه حق ۾ دنيا جي وڏي جمهوريت جي دعويدار، دنيا جي 10 هين وڏي معيشت سڏائيندڙ ۽ 10 ڀيرا وڌيڪ فوجي طاقت رکندڙ جي ڳاٽي کي ڪُچلي ڇڏيو، دنيا ڏٺو ته ڀارت کي جن رافيل جهازن تي فخر هيو انهن کي پاڪ فوج ائين ڪيرايو جيئن ڪبوتر لامارا ڏئي ڪرندو آهي جيڪا پاڪ فضائيه جي تمام وڏي ڪاميابي آهي، گڏوگڏ ڀارت جي 10 اڏن کي تباهه ڪري ڇڏيو، جنهن کانپوءِ آخر ۾ مودي وڃي ٽرمپ جي پيرن ۾ ڪِري سيز فائر جي خيرات گهري ۽ 5 ڏينهن جي اندر سيز فائر ٿي ويو. هن چيو ته 1971ع واري جنگ کانپوءِ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو چيو ته اسين گاهه کائينداسين پر ايٽم بم ضرور ٺاهينداسين ۽ پوءِ پاڪستان ايٽم بم ٺاهيو ۽ شهيد ڀٽو جي شهادت کانپوءِ ڪنهن کي به جرئت نه ٿي ته پاڪستان ڏانهن ميري اک سان ڏسي. شهيد محترمه بينظير ڀٽو پاڪستان کي ميزائل ٽيڪنالاجي ڏئي ملڪي دفاع کي وڌيڪ مضبوط بڻايو. پاڪستان کي مضبوط دفاعي قوت بڻائڻ ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي ليڊرشپ جو وڏو ڪردار آهي. هن چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري هدايت ڪئي آهي ته معرڪه حق جو لاڙڪاڻي ۾ يادگار ٺاهيو ويندو ۽ اهڙي فتح جا ڏينهن اسين مستقبل ۾ به ملهائيندا رهنداسين. هوڏانهن ايم پي اي سهيل انور سيال طرفان آيل ناليوارن فنڪارن ۽ مهمانن کي سنڌ جي سوکڙي اجرڪ جا تحفا پيش ڪيا. اهڙي طرح رات تائين تقريب جاري رهي.

مزید خبریں