حق جي ويڙهه جي فتح جو هڪ سال مڪمل، جي ايڇ ڪيو ۾ آچر تي شاندار تقريب منعقد ٿيندي

اسلام آباد- 09 مئي (اي پي پي) حق جي ويڙهه جي فتح کي هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي جي ايڇ ڪيو راولپنڊي ۾ آچر تي صبح جو پروقار تقريب جو بندوبست ڪيو ويندو. تقريب جو خاص مهمان آرمي چيف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير هوندو. چيف آف ايئر اسٽاف ايئر مارشل ظهير بابر سڌو ۽ چيف آف نيول اسٽاف ايڊمرل نويد اشرف به تقريب ۾ …

اسلام آباد- 09 مئي (اي پي پي) حق جي ويڙهه جي فتح کي هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي جي ايڇ ڪيو راولپنڊي ۾ آچر تي صبح جو پروقار تقريب جو بندوبست ڪيو ويندو. تقريب جو خاص مهمان آرمي چيف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير هوندو. چيف آف ايئر اسٽاف ايئر مارشل ظهير بابر سڌو ۽ چيف آف نيول اسٽاف ايڊمرل نويد اشرف به تقريب ۾ شريڪ ٿيندا. تقريب ۾ شهيدن جي يادگارن تي گلن جون چادرون ۽ ٽنهي هٿياربند فوجن جا چست جٿا سلامي پيش ڪندا ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ان موقعي تي تقريب کي اهم خطاب به ڪندو.