حق جي ويڙهه پاڪستان جي دفاعي تاريخ جو هڪ غير معمولي ۽ فيصلائتو باب بڻجي اڀري آهي: برگيڊيئر (ر) بابر علاؤالدين

اسلام آباد- 09 مئي (اي پي پي) مشهور دفاعي تجزيو ڪندڙ برگيڊيئر (ر) بابر علاؤالدين چيو آهي، ته حق جي ويڙهه پاڪستان جي دفاعي تاريخ جو هڪ غير معمولي ۽ فيصلائتو باب بڻجي اڀري آهي. جنهن نه رڳو دشمن جي جارحاڻي حڪمت عملي ۽ عسڪري برتري جي دعوائن کي ناڪام بڻايو پر ان تاريخي ڪاميابي پاڪستان کي عالمي سطح تي هڪ مضبوط، بااعتماد ۽ موثر جاگرافيائي ۽ دفاعي قوت طور …

اسلام آباد- 09 مئي (اي پي پي) مشهور دفاعي تجزيو ڪندڙ برگيڊيئر (ر) بابر علاؤالدين چيو آهي، ته حق جي ويڙهه پاڪستان جي دفاعي تاريخ جو هڪ غير معمولي ۽ فيصلائتو باب بڻجي اڀري آهي. جنهن نه رڳو دشمن جي جارحاڻي حڪمت عملي ۽ عسڪري برتري جي دعوائن کي ناڪام بڻايو پر ان تاريخي ڪاميابي پاڪستان کي عالمي سطح تي هڪ مضبوط، بااعتماد ۽ موثر جاگرافيائي ۽ دفاعي قوت طور وڌيڪ مستحڪم ۽ نمايان ڪيو آهي. ”اي پي پي“ سان ڳالهائيندي هن 10 مئي کي پاڪستان جي دفاعي تاريخ جو هڪ روشن باب قرار ڏنو، جيڪو قومي عزم، عسڪري پشيواراڻي مهارت ۽ دشمن جي جارحيت خلاف اسٽريٽجڪ برتري جي علامت بڻجي چڪو آهي. هن چيو ته تاريخ گواهه آهي جڏهن به دشمن پاڪستان کي آزمائڻ جي غلطي ڪئي، ان کي منهن ٽوڙ ۽ فيصلائتو جواب مليو. سندس بقول ته حق جي ويڙهه ۾ هٿياربند فوج جي غير معمولي ڪاميابي عالمي سطح تي پاڪستان جي دفاعي وقار ۽ ساک کي وڌيڪ مستحڪم ڪيو آهي. هن چيو ته حق جي ويڙهه نه رڳو پاڪستان جي جاگرافيائي ۽ سياسي اهميت کي نئين جدت عطا ڪئي پر ڏکڻ ايشيا جي سيڪيورٽي چرپر کي به بدلائي ڇڏيو. پاڪ فضائيه جي تاريخي ڪارڪردگي تي روشني وجهندي هن چيو ته هي عالمي جنگي تاريخ ۾ پنهنجي نوعيت جو منفرد واقعو هئو جڏهن ڪنهن ويڙهه دوران رافيل جهڙن جديد ترين جهازن کي نشانو بڻايو ويو ۽ اهو ڪارنامو پاڪستاني شاهينن سرانجام ڏنو. هن جي ايف-17 ٿنڊر جي برتري جو ذڪر ڪندي چيو ته ان جهاز جنگ جي ميدان ۾ پنهنجون ڀرپور صلاحيتون مڃرايون ۽ موجوده وقت ۾ جديد ترين فضائي پليٽ فارمز مان اهو هڪ آهي. سندس چوڻ هو ته جي ايف-17 ٿنڊر نه رڳو دفاعي برتري حاصل ڪئي پر گهٽ لاڳت ۽ اعليٰ ڪارڪردگي سبب عالمي دفاعي مارڪيٽ ۾ به پنهنجي هڪ منفرد سڃاڻپ ٺاهي. هن چيو ته حق جي ويڙهه ۾ ان جهاز جو اثرائتو استعمال ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته پاڪستان پنهنجي دفاعي ضرورتن ۾ پاڻ ڀري ٿيڻ طرف تيزي سان گامزن آهي ۽ اسان جي مقامي ٽيڪنالاجي دشمن جي مهانگن ترين جنگي سامان کي تباهه ڪرڻ جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿي. اها ڪاميابي مستقبل ۾ پاڪستان جي دفاعي روانگي واپار ۾ اضافي ۽ فضائي دفاع کي وڌيڪ ناقابل تسخير بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي.