معرڪه حق قوم کي پنهنجي بهادر محافظن ۽ عوام جي جرئت، قرباني ۽ پُختي عزم جي ياد ڏياري ٿو: وجيهه قمر

اسلام آباد- 09 مئي (اي پي پي) تعليم ۽ پيشوراڻي تربيت واري مملڪتي وزير وجيهه قمر چيو آهي ته معرڪه حق، قوم کي پنهنجي بهادر محافظن ۽ عوام جي جرئت، قرباني ۽ غير متزلزل عزم جي ياد ڏياري ٿو. گذريل ڏينهن ”اي پي پي“ سان ڳالهائيندي هن چيو ته معرڪه حق قومي وقار، اتحاد، ثابت قدمي ۽ ايمان جي علامت آهي، جڏهن ته وطن جي عزت ۽ سلامتي لاءِ ڏنل …

اسلام آباد- 09 مئي (اي پي پي) تعليم ۽ پيشوراڻي تربيت واري مملڪتي وزير وجيهه قمر چيو آهي ته معرڪه حق، قوم کي پنهنجي بهادر محافظن ۽ عوام جي جرئت، قرباني ۽ غير متزلزل عزم جي ياد ڏياري ٿو. گذريل ڏينهن ”اي پي پي“ سان ڳالهائيندي هن چيو ته معرڪه حق قومي وقار، اتحاد، ثابت قدمي ۽ ايمان جي علامت آهي، جڏهن ته وطن جي عزت ۽ سلامتي لاءِ ڏنل قربانيون هميشه ايندڙ نسلن لاءِ مشعل راهه رهنديون. هن چيو ته قوم پنهنجي هيروز کي خراج تحسين پيش ڪري ٿي، جن جي بهادري ۽ عزم هر چيلينج جي مقابلي ۾ حق ۽ سچ جو ڳاٽ اوچو رکيو. هن شهيدن جي بلند درجن ۽ ملڪ جي دير پا امن، استحڪام ۽ خوشحالي لاءِ پڻ دعا ڪئي.