لاڙڪاڻو- 09 مئي (اي پي پي) چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻو جي شاگردياڻين چيو آهي ته اسان کي پاڪ فوج تي فخر آهي، جنهن معرڪه حق بنيان مرصوص آپريشن ۾ اسان جي قوم کي سرخرو ڪيو. گذريل سال 9 مئي تي پاڪ فوج دشمن جي گھر ۾ گھڙي سندن 6 جهاز ڪيرايا ۽ انھن جو ايئر بيس تباھ ڪيو، جنھن جو سڄو ڪريڊٽ فيلڊ مارشل جنرل عاصم منير ۽ پاڪ فوج …
بنيان مرصوص جي ڪاميابي جو ڪريڊٽ فيلڊ مارشل جنرل عاصم منير کي وڃي ٿو. چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻي جي شاگردياڻين جي ”اي پي پي“ سان ڳالھ ٻولهه

مزید خبریں
لاڙڪاڻو- 09 مئي (اي پي پي) چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻو جي شاگردياڻين چيو آهي ته اسان کي پاڪ فوج تي فخر آهي، جنهن معرڪه حق بنيان مرصوص آپريشن ۾ اسان جي قوم کي سرخرو ڪيو. گذريل سال 9 مئي تي پاڪ فوج دشمن جي گھر ۾ گھڙي سندن 6 جهاز ڪيرايا ۽ انھن جو ايئر بيس تباھ ڪيو، جنھن جو سڄو ڪريڊٽ فيلڊ مارشل جنرل عاصم منير ۽ پاڪ فوج کي وڃي ٿو. هنن چيو ته دنيا ۾ جنگيون ٿينديون رهنديون آهن، پر پاڪ فوج جي خاصيت اها آهي ته پنھنجي قوم کي محفوظ ڪيو ۽ بهترين حڪمت عملي تحت جنگ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي. پاڪ فوج دشمن کي للڪاريو ته پاڪستاني هڪ متحد قوم آهن. هنن چيو ته اڄوڪي ڏينهن تي گذريل سال پاڪ – ڀارت جنگ ۾ پاڪ فوج بهترين حڪمت عملي سان جنگ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي، هنن چيو ته معرڪه حق جي حوالي سان اسان ڪاليج ۾ هڪ شاندار پروگرام پڻ منعقد ڪيو هو، جنهن ۾ شاگردياڻين قومي گيت، تقريرون ۽ ٽيبلوز پيش ڪيا. هنن چيو ته اسان کي پنھنجي وطن جي خدمت ڪرڻ گھرجي ۽ ان لاءِ هر وقت قرباني ڏيڻ لاءِ تيار رهڻ گھرجي. پاڪ فوج هڪ طاقتور فوج آهي، ڀارت جي مقابلي ۾ اسان جي فوج تمام مضبوط آهي. پاڪ فوج جا جوان پنھنجا گھر، ٻار ڇڏي قوم جي بقا لاءِ وڙهندا آهن.











