لاڙڪاڻو- 09 مئي (اي پي پي) ايس ايس پي لاڙڪاڻو احمد چوڌري جي اڳواڻي ۾ لاڙڪاڻو پوليس پاران يوم معرڪه حق جي سلسلي ۾ رٿيل مرڪزي تقريب جي سيڪيورٽي انتظامن کي آخري شڪل ڏني وئي آهي. پوليس ٽريننگ اسڪول لاڙڪاڻو ۾ ٿيندڙ تقريب ۾ شامل ٿيندڙ عورتن ۽ مردن لاءِ الڳ الڳ داخلا ۽ نڪرڻ جا رستا قائم ڪيا ويا آهن. عورتن جي داخلا لاء ڪاليج واري پاسي کان ۽ …
ايس ايس پي لاڙڪاڻو پاران يوم معرڪه حق جي سلسلي ۾ رٿيل مرڪزي تقريب جي سيڪيورٽي انتظامن کي آخري شڪل ڏني وئي

مزید خبریں
لاڙڪاڻو- 09 مئي (اي پي پي) ايس ايس پي لاڙڪاڻو احمد چوڌري جي اڳواڻي ۾ لاڙڪاڻو پوليس پاران يوم معرڪه حق جي سلسلي ۾ رٿيل مرڪزي تقريب جي سيڪيورٽي انتظامن کي آخري شڪل ڏني وئي آهي. پوليس ٽريننگ اسڪول لاڙڪاڻو ۾ ٿيندڙ تقريب ۾ شامل ٿيندڙ عورتن ۽ مردن لاءِ الڳ الڳ داخلا ۽ نڪرڻ جا رستا قائم ڪيا ويا آهن. عورتن جي داخلا لاء ڪاليج واري پاسي کان ۽ مردن جي داخلا پريڊ گرائونڊ واري پاسي کان يقيني بڻائي وئي آهي. عوام جي اچڻ وڃڻ لاءِ گيٽ نمبر 02 مڪمل طور کليل رکيو ويندو. پنڊال جي اندر کائڻ پيئڻ جي شين لاءِ خصوصي اسٽال قائم ڪيا ويا آهن، ان ڪري ٻاهر کان ڪا به شيءِ اندر آڻڻ تي پابندي لڳائي وئي آهي. ايس ايس پي لاڙڪاڻو عوام کي گذارش ڪئي آهي ته انتظاميا سان سهڪار ڪن ۽ ڪنهن به بي نظمي کان پاسو ڪن.











