شڪارپور- 09 مئي (اي پي پي) ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور شڪيل احمد ابڙو تعلقي اسپتال لکي غلام شاهه جو دورو ڪيو. دوري جو مقصد ضلعي شڪارپور ۾ بنيادي صحت جي سهولتن کي بهتر ۽ يقيني بڻائڻ هو. ڊپٽي ڪمشنر اسپتال ۾ ڊاڪٽرن ۽ عملي جي حاضري، دوائن جي دستيابي ۽ مختلف بيمارين جي چڪاس سميت ليبارٽري جي ڪارڪردگيءَ جو تفصيلي جائزو ورتو. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر اسپتال جي ايم ايس، …
ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور جو تعلقي اسپتال لکي غلام شاهه جو دورو
مزید خبریں
شڪارپور- 09 مئي (اي پي پي) ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور شڪيل احمد ابڙو تعلقي اسپتال لکي غلام شاهه جو دورو ڪيو. دوري جو مقصد ضلعي شڪارپور ۾ بنيادي صحت جي سهولتن کي بهتر ۽ يقيني بڻائڻ هو. ڊپٽي ڪمشنر اسپتال ۾ ڊاڪٽرن ۽ عملي جي حاضري، دوائن جي دستيابي ۽ مختلف بيمارين جي چڪاس سميت ليبارٽري جي ڪارڪردگيءَ جو تفصيلي جائزو ورتو. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر اسپتال جي ايم ايس، ڊاڪٽرن ۽ عملي کي ايمرجنسي وارڊ جي بهتريءَ لاءِ مختلف ذميواريون ڏيندي هدايت ڪئي ته علائقي ۾ بنيادي صحت جون سهولتون يقيني بڻائڻ لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آندا وڃن. ڪوتاهي جي صورت ۾ ذميوارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.











