ڪراچي -08 مئي (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آھي ته سنڌ جي چئن منصوبن کي بارسلونا ۾ عالمي سطح تي مڃتا ملي آهي، جڏهن ته يونيسيف فورم ۾ انهن منصوبن کي عالمي ڪيس اسٽڊيز طور چونڊيو ويو آهي هن چيو ته 21 ملڪن جي 139 منصوبن مان سنڌ جا سمورا چار منصوبا ڪامياب قرار ڏنا ويا آهن، جيڪي سنڌ جي مضبوط پي پي پي فريم …
سنڌ حڪومت جي چئن منصوبن کي بار سلونا ۾ عالمي مڃتا، يونيسيف فورم انهن منصوبن کي عالمي ڪيس اسٽيڊيز طور چونڊيو آهي: سيد مراد علي شاهه

مزید خبریں
ڪراچي -08 مئي (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آھي ته سنڌ جي چئن منصوبن کي بارسلونا ۾ عالمي سطح تي مڃتا ملي آهي، جڏهن ته يونيسيف فورم ۾ انهن منصوبن کي عالمي ڪيس اسٽڊيز طور چونڊيو ويو آهي هن چيو ته 21 ملڪن جي 139 منصوبن مان سنڌ جا سمورا چار منصوبا ڪامياب قرار ڏنا ويا آهن، جيڪي سنڌ جي مضبوط پي پي پي فريم ورڪ جو واضح ثبوت آهن۔اھڙو اظهار هن پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ (پي پي پي) پاليسي بورڊ جي 52هين اجلاس جي صدارت دوران ڪيو .اجلاس ۾ صوبي جي اهم ترقياتي، تعليمي، ٽرانسپورٽ ۽ صنعتي منصوبن جي منظوري ڏني وئي۔ اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته پبلڪ ۽ پرائيويٽ شعبي جي ڀائيواري ذريعي سنڌ جي سماجي ۽ معاشي ترقي کي وڌيڪ تيز ڪيو ويندو۔ هن وڌيڪ ٻڌايو ته شاهراهه ڀٽو ايڪسپريس وي، ٽيچرز ٽريننگ انسٽيٽيوٽ، ايجوڪيشن مينيجمينٽ آرگنائيزيشنز ۽ ٻيلن ذريعي ڪاربان اخراج گهٽائڻ وارا منصوبا عالمي سطح تي چونڊيا ويا آهن۔ وڏي وزير موجب سنڌ جو ٽيچرز ٽريننگ انسٽيٽيوٽ اينڊ ڪاليج منصوبو “سڀ کان وڌيڪ اثرائتن منصوبن” ۾ شامل ڪيو ويو آهي ۽ 60 کان وڌيڪ ملڪن جي 600 کان وڌيڪ نمائندن ان منصوبي کي ساراهيو آهي۔ هن چيو ته سنڌ جا منصوبا پائيدار ترقياتي هدفن سان مڪمل هم آهنگ آهن۔اجلاس ۾ اين اي ڊي سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي پارڪ منصوبي تي اڳڀرائي جو جائزو پڻ ورتو ويو۔ بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ڪويت انويسٽمينٽ اٿارٽي جي سهڪار سان اين اي ڊي ٽيڪ پارڪ تيار ڪيو پيو وڃي ۽ ان لاءِ ڪنسيشن معاهدي تي صحيحون پڻ ٿي چڪيون آهن، جڏهن ته شروعاتي ڪم جاري آهي۔ اجلاس ۾ اسپيشل ٽيڪنالاجي زون جي منظوري ۾ دير سبب متبادل مالي ۽ منصوبا بندي واري ڍانچي تي غور ڪيو ويو ۽ وفاقي اختيارين سان رابطا جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو.











