لاڙڪاڻو -08 مئي (اي پي پي) چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻي جي پرنسپل ڊاڪٽر شاهد حسين سومرو چيو آهي ته معرڪه حق هڪ وڏو عظيم ڏينهن آهي، ان ڏينهن پاڪستان آرمي پنهنجي ملڪ جو دفاع ڪندي دشمن ملڪ هندستان جيڪو پاڻ کي طاقتور سمجهندو هو ۽ فخر ڪندو هو، پاڪ آرمي ان جو فخر مٽي ۾ ملائي ڇڏيو، ان کي اسان جي پاڪ فوج اهڙو سبق سيکاريو جو قيامت تائين ياد رکندو. اھڙن خيالن جو اظهار …
پاڪستان آرمي پنهنجي ملڪ جو دفاع ڪندي دشمن ملڪ جي تڪبر کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو: ڊاڪٽر شاهد حسين سومرو

مزید خبریں
لاڙڪاڻو -08 مئي (اي پي پي) چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻي جي پرنسپل ڊاڪٽر شاهد حسين سومرو چيو آهي ته معرڪه حق هڪ وڏو عظيم ڏينهن آهي، ان ڏينهن پاڪستان آرمي پنهنجي ملڪ جو دفاع ڪندي دشمن ملڪ هندستان جيڪو پاڻ کي طاقتور سمجهندو هو ۽ فخر ڪندو هو، پاڪ آرمي ان جو فخر مٽي ۾ ملائي ڇڏيو، ان کي اسان جي پاڪ فوج اهڙو سبق سيکاريو جو قيامت تائين ياد رکندو. اھڙن خيالن جو اظهار هن "اي پي پي” سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته جيڪڏهن ڪنهن پاڪستان ڏانهن ميري اک سان ڏٺو ته ان جو سخت جواب ڏنو ويندو، اهو اسان گذريل سال مئي ۾ ثابت ڪري پڻ ڏيکاريو. شاهد حسين سومرو چيو ته اسان جي آرمي پاڪستان جي حفاظت جي مڪمل صلاحيت رکي ٿي، پاڪستاني عوام آرمي سان گڏ بيٺي آهي، اسان جي ڪوشش آهي ته اسان ملڪ ۾ تعليم، معيشت ۽ ٻين حوالن سان ملڪ جو نالو روشن ڪريون. هن چيو ته شهيد ٿيڻ اسان لاءِ فخر جو باعث آهي، شهيد جي موت عام انسان جي موت کان ڪيترائي درجا مٿاهون آهي، شهيد قوم جو سرمايو آهن، ملڪ جي سلامتي ۽ ڀلائي لاءِ اسان کي اهي قدم کڻڻ گهرجن جنهن سان ملڪ جو وقار بلند ٿئي. هن چيو ته ملڪ جي خاطر اسان کي شهادت نصيب ٿئي ته اسان کي فخر ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته معرڪه حق ۽ بنيان المرصوص جي موقعي تي شهيد قوم جو سرمايو آهن، سڄي قوم شهيدن جي وارثن سان گڏ آهي. هن چيو ته دنيا جي پاڻي جي حوالي سان قانون آهي ته جتي درياءُ ختم ٿئي ٿو، پاڻي ان ملڪ جي ملڪيت ٿئي ٿو، وچ ۾ ڪنهن کي اهو حق نه ٿو ٿئي ته هو پاڻي روڪي سگهي. ڪنهن کي به اها اجازت نه ڏني ويندي ته هو اسان جو پاڻي بند ڪري.











