لاڙڪاڻو -08 مئي (اي پي پي) آءِ بي اي پبلڪ اسڪول لاڙڪاڻو ۾ آپريشن بُنيان-مرصوص جي فتح جي پهرين سالگرهه "جشنِ معرڪه حق" جي عنوان سان ملهائي وئي.تقريب ۾ ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو طارق منظور چانڊيو مهمانِ خاص طور شرڪت ڪئي. پرنسپل سرفراز عباسي، فيڪلٽي ميمبرن ۽ شاگردن سندس آجيان ڪئي.شاگردن پاڪ فوج ۽ پاڪ فضائيه جي جوانن کي خراج تحسين پيش ڪيو جن گذريل سال آپريشن بُنيان-مرصوص دوران ملڪ جو دفاع …
آءِ بي اي پبلڪ اسڪول لاڙڪاڻو ۾ آپريشن بُنيان-مرصوص جي فتح جي پهرين سالگرهه "جشنِ معرڪه حق” جي عنوان سان ملهائي وئي

مزید خبریں
لاڙڪاڻو -08 مئي (اي پي پي) آءِ بي اي پبلڪ اسڪول لاڙڪاڻو ۾ آپريشن بُنيان-مرصوص جي فتح جي پهرين سالگرهه "جشنِ معرڪه حق” جي عنوان سان ملهائي وئي.تقريب ۾ ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو طارق منظور چانڊيو مهمانِ خاص طور شرڪت ڪئي. پرنسپل سرفراز عباسي، فيڪلٽي ميمبرن ۽ شاگردن سندس آجيان ڪئي.شاگردن پاڪ فوج ۽ پاڪ فضائيه جي جوانن کي خراج تحسين پيش ڪيو جن گذريل سال آپريشن بُنيان-مرصوص دوران ملڪ جو دفاع ڪيو. ان موقعي تي شاگردن ٽيبلوز، خاڪا، تقريرون، ملي نغما ۽ قومي ترانا پيش ڪيا. آپريشن جي اهم لمحن تي ٻڌل آرٽ ورڪ، ماڊل ۽ پوسٽر پڻ نمائش لاءِ رکيا ويا.تقريب کي خطاب ڪندي ڊي سي طارق منظور چانڊيو چيو ته معرڪه حق پاڪستان جي دفاعي تاريخ جو سونهري باب آهي. پاڪ فوج پيشه ورانه صلاحيت ۽ بهادري سان جارحيت جو جواب ڏنو، جنهن تي پوري قوم کي فخر آهي. هن شاگردن تي زور ڀريو ته هو شهيدن ۽ غازين جي قربانين کي ياد رکن ۽ تعليم، نظم و ضبط ۽ اتحاد ذريعي ملڪ جي تعمير ۾ ڪردار ادا ڪن.ڊي سي لاڙڪاڻو اسڪول انتظاميا، استادن ۽ شاگردن جي ڪوششن کي ساراهيو. تقريب ملڪ جي سلامتي، يڪجهتي، خوشحالي ۽ شهيدن جي درجات بلندي لاءِ دعا سان پڄاڻي تي پهتي. سگهجي .











