لاڙڪاڻو -08 مئي (اي پي پي) ڪشمور ڪنڌڪوٽ ۾ جشنِ معرڪه حق آپريشن بنيان مرصوص” جي هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي ڊپٽي ڪمشنر ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ آغا شير زمان جي هدايتن تي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون مسرور احمد بجاراڻي، اسسٽنٽ ڪمشنر ڪنڌڪوٽ زرار احمد خاصخيلي، ڊي او سيڪنڊري جهانگير، ڊي او پرائمري سيد عبدالغفار شاهه جي اڳواڻيءَ ۾ ڊپٽي ڪمشنر آفيس کان گهنٽا گهر تائين شاندار ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ …
ڪشمور ڪنڌڪوٽ ۾ معرڪه حق ۽ آپريشن بنيان مرصوص کي هڪ سال مڪمل ٿيڻ جي خوشي ۾ ڊپٽي ڪمشنر آفيس کان ريلي ڪڍي وئي

مزید خبریں
لاڙڪاڻو -08 مئي (اي پي پي) ڪشمور ڪنڌڪوٽ ۾ جشنِ معرڪه حق آپريشن بنيان مرصوص” جي هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي ڊپٽي ڪمشنر ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ آغا شير زمان جي هدايتن تي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون مسرور احمد بجاراڻي، اسسٽنٽ ڪمشنر ڪنڌڪوٽ زرار احمد خاصخيلي، ڊي او سيڪنڊري جهانگير، ڊي او پرائمري سيد عبدالغفار شاهه جي اڳواڻيءَ ۾ ڊپٽي ڪمشنر آفيس کان گهنٽا گهر تائين شاندار ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ وفاقي توڙي صوبائي کاتن جي اعليٰ آفيسرن، استادن، شاگردن، سياسي ۽ سماجي تنظيمن جي اڳواڻن، شهرين ۽ صحافين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ريلي ۾ شريڪ شهرين پاڪستان زنده باد، پاڪ فوج زنده باد سميت قومي نعرا هڻي ملڪ سان محبت جو اظهار ڪيو، جڏهن ته شاگردن بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي پنهنجن جذبن جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ ٻين مقررن خطاب ڪندي چيو ته هيءَ ريلي جشنِ معرڪه حق بنيان مرصوص جي فتح جي هڪ سال مڪمل ٿيڻ جي خوشي ۾ ڪڍي وئي آهي، جيڪو اسان لاءِ قومي فخر جو ڏينهن آهي، ۽ “معرڪه حق بنيان مرصوص” جهڙيون تاريخي ڪاميابيون اسان جي قومي عزم، اتحاد ۽ قربانين جو روشن مثال آهن. هنن چيو ته “معرڪه حق آپريشن بنيان مرصوص قومي اتحاد، بهادري ۽ عزم جي علامت آهي. پاڪ فوج پنهنجي پيشيوراڻي مهارت ۽ بي مثال قربانين ذريعي ملڪ جو دفاع يقيني بڻايو ۽ دشمن جي ناپاڪ عزمن کي ناڪام بڻايو. هنن وڌيڪ چيو ته پاڪ فوج آپريشن بنيان مرصوص ذريعي دشمن کي تاريخي شڪست ڏني. هنن وڌيڪ چيو ته تعليم، نظم و ضبط ۽ قومي يڪجهتي ذريعي ئي قومون ترقي ڪنديون آهن، ۽ اسان سڀني تي ذميواري آهي ته پنهنجي وطن جي بهتري لاءِ گڏجي ڪردار ادا ڪريون. ريلي جي پڄاڻي تي ملڪ جي سلامتي، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ خاص دعا پڻ گهري وئي. سگهجي .











