قمبر شهدادڪوٽ -08 مئي (اي پي پي) سڄي ملڪ جيان ضلعي انتظاميا قمبر شهدادڪوٽ طرفان ڊپٽي ڪمشنر ڪامران مشتاق حسين شيخ جي اڳواڻيءَ ۾ آپريشن “معرڪه حق بُنيان المَرصُوص” جي ھڪ سال مڪمل ٿيڻ جي خوشيءَ ۾ گورنمينٽ بوائز ھاءِ اسڪول قمبر کان ڀٽو چوڪ تائين شاندار ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر - ون ذوھيب ضمير اوڍاڻو، ڊاڪٽر گلزار علي تونيو سميت استادن، اسڪولي شاگردن، سياسي سماجي تنظيمن …
قمبر ۾ معرڪه حق ۽ بنيان مرصوص کي هڪ سال ٿيڻ جي خوشي ۾ شاندار ريلي ڪڍي وئي

مزید خبریں
قمبر شهدادڪوٽ -08 مئي (اي پي پي) سڄي ملڪ جيان ضلعي انتظاميا قمبر شهدادڪوٽ طرفان ڊپٽي ڪمشنر ڪامران مشتاق حسين شيخ جي اڳواڻيءَ ۾ آپريشن “معرڪه حق بُنيان المَرصُوص” جي ھڪ سال مڪمل ٿيڻ جي خوشيءَ ۾ گورنمينٽ بوائز ھاءِ اسڪول قمبر کان ڀٽو چوڪ تائين شاندار ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر – ون ذوھيب ضمير اوڍاڻو، ڊاڪٽر گلزار علي تونيو سميت استادن، اسڪولي شاگردن، سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن، مختلف سرڪاري ۽ غير سرڪاري ادارن جي ملازمن سميت شھرين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي۔ان موقعي تي ريلي ۾ شرڪت ڪندڙن پاڪستان زندھ باد، پاڪ فوج زندھ باد ۽ “ڪشمير بنيگا پاڪستان” جا اُڀ ڏاريندڙ نعرا پڻ ھنيا. ريلي کي خطاب ڪندي ڊپٽي ڪمشنر قمبر شهدادڪوٽ ڪامران مشتاق حسين شيخ چيو ته “معرڪه حق بُنيان المَرصُوص” پاڪستان جي تاريخ جو اھم باب آھي، جنھن قوم ۾ اتحاد، يڪجھتي ۽ وطن سان محبت جي جذبي کي وڌيڪ مضبوط ڪيو آھي۔ ھن چيو ته پاڪ فوج، سيڪيورٽي ادارن ۽ پاڪستاني عوام ھميشه ملڪ جي سلامتي، استحڪام ۽ ترقي لاءِ قربانيون ڏنيون آھن، جن کي قوم سدائين فخر سان ياد رکندي.ھن وڌيڪ چيو ته اڄ جي ريلي جو مقصد نوجوان نسل ۾ حب الوطني، قومي يڪجھتي ۽ ملڪ سان وفاداري جو جذبو اجاگر ڪرڻ آھي ته جيئن ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ گڏيل طور پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگھجي.











