بيگم نصرت ڀٽو گرلز ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ “معرڪه حق” جي عنوان سان ھڪ باوقار تقريب منعقد

لاڙڪاڻو -08 مئي (اي پي پي) بيگم نصرت ڀٽو گرلز ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻو ۾ “معرڪہ حق” جي عنوان ھيٺ پرنسپال  ثمينه ناز ابڙو  جن جي نگرانيءَ ۾ مئي جو پھريون ھفتو  پاڪ آرمي سان يڪجهتي طور ملھايو ويو، جنھن دوران مختلف سيشن پڻ رکيا ويا، ۽ ھڪ باوقار تقريب پڻ منعقد ڪئي وئي، جنھن ۾ لاڙڪاڻي جي ڊپٽي ڪمشنر طارق منظور چانڊيو  پڻ مهمان خاص طور شرڪت ڪئي. تقريب جو مقصد …

لاڙڪاڻو -08 مئي (اي پي پي) بيگم نصرت ڀٽو گرلز ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻو ۾ “معرڪہ حق” جي عنوان ھيٺ پرنسپال  ثمينه ناز ابڙو  جن جي نگرانيءَ ۾ مئي جو پھريون ھفتو  پاڪ آرمي سان يڪجهتي طور ملھايو ويو، جنھن دوران مختلف سيشن پڻ رکيا ويا، ۽ ھڪ باوقار تقريب پڻ منعقد ڪئي وئي، جنھن ۾ لاڙڪاڻي جي ڊپٽي ڪمشنر طارق منظور چانڊيو  پڻ مهمان خاص طور شرڪت ڪئي. تقريب جو مقصد "پاڪ فوج” کي خراجِ تحسين پيش ڪرڻ ۽ شاگردياڻين ۾ قومي شعور، اتحاد ۽ مثبت سوچ کي هٿي ڏيڻ ھو۔تقريب دوران وڻڪاري مھم پڻ رکي وئي، جتي ڊي سي لاڙڪاڻو طارق منظور چانڊيو، پرنسپال، استادن ۽ شاگردياڻين وڻ پوکي ماحولياتي تحفظ جو پيغام  ڏنو. ان موقعي تي شاگردياڻين تقريرن جي مقابلي ۾ ڀرپور حصو ورتو،  جنھن ۾  پاڪ فوج جي نوجوانن کي ساراھيو، ۽ “معرڪہ حق” جي موضوع تي پرجوش نموني پنھنجا خيال پيش ڪيا۔ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو پنهنجي خطاب ۾ پاڪ فوج جي نوجوانن جي ھمت، حوصلي ۽ قربانين کي ساراھيندي سلام پيش ڪيو. گڏوگڏ بيگم نصرت ڀٽو گرلز ڊگري ڪاليج جي باصلاحيت شاگردياڻين کي بھترين ڪارڪردگيءَ تي سرٽيفڪيٽ پڻ ڏنا ويا، ۽ تقريب جي آخر ۾ ڪيڪ پڻ ڪٽيو ويو.

مزید خبریں