لاڙڪاڻو-07 مئي (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ايم پي اي سهيل انور سيال چيو آهي ته 9 مئي 2025ع پاڪستان جي تاريخ جو اهم ڏينهن آهي، جنهن ڏينهن پاڪستاني فوج دنيا آڏو پنهنجي صلاحيتن جو مظاهرو ڪري دشمن کي منهن ٽوڙ جواب ڏنو، پاڪستاني قوم کي آرمي چيف، ايئر فورس چيف ۽ نيول چيف تي مڪمل اعتماد آهي ۽ پاڪ فوج هر قسم جي قرباني ڏيڻ لاءِ …
صدر آصف علي زرداري ۽ آرمي چيف عاصم منير جي اڳواڻي ۾ پاڪ فوج ڀارتي اڳراين جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو: سهيل انور سيال

مزید خبریں
لاڙڪاڻو-07 مئي (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ايم پي اي سهيل انور سيال چيو آهي ته 9 مئي 2025ع پاڪستان جي تاريخ جو اهم ڏينهن آهي، جنهن ڏينهن پاڪستاني فوج دنيا آڏو پنهنجي صلاحيتن جو مظاهرو ڪري دشمن کي منهن ٽوڙ جواب ڏنو، پاڪستاني قوم کي آرمي چيف، ايئر فورس چيف ۽ نيول چيف تي مڪمل اعتماد آهي ۽ پاڪ فوج هر قسم جي قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهي. لاڙڪاڻو پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته 9 مئي تي پاڪ فوج جنگي محاذ تي پنهنجي بهادري ثابت ڪئي ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي هميشه پاڪ فوج سان گڏ بيٺل رهي آهي. سهيل انور سيال چيو ته 9 مئي جي حوالي سان شهر جي پي ٽي ايس گرائونڊ ۾ هڪ وڏي ميوزيڪل تقريب منعقد ڪئي پئي وڃي، جنهن ۾ پاڪ فوج ۽ سولين شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي ويندي، جڏهن ته تقريب ۾ ساحر علي بگا، حديقه ڪياني سميت ملڪ جا ناليوارا فنڪار پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندا. هن چيو ته ڀارت خلاف پاڪستان جي دفاعي حڪمت عملي ڪامياب رهي آهي ۽ پاڪستان هر قسم جي سازشن جو ڀرپور جواب ڏنو آهي. سندس چوڻ هو ته صدر آصف علي زرداري ۽ آرمي چيف عاصم منير جي قيادت ۾ پاڪ فوج ڀارتي اڳرائين جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو، جڏهن ته افغانستان سان لاڳاپيل معاملن ۾ به پاڪستاني فوج موثر حڪمت عملي اختيار ڪئي. هڪ سوال جي جواب ۾ سهيل انور سيال چيو ته عالمي سطح تي ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ڇڪتاڻ سبب پيٽرول بحران پيدا ٿيو، جنهن جا اثر پاڪستان تي به پيا، تنهن ڪري حڪومت کي پيٽرول اگهن ۾ واڌ ڪرڻي پئي، پر جيڪڏهن آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ معاهدو ٿي وڃي ٿو ته اميد آهي ته پيٽرول جون قيمتون گهٽ ٿينديون. هن عورتن کي ڪارو ڪري قتل ڪرڻ وارن واقعن بابت سوال تي چيو ته اهڙن واقعن کي روڪڻ لاءِ سخت قانون موجود آهن ۽ حڪومت اهڙن ڏوهن ۾ ملوث ماڻهن خلاف ڪاروائي ڪري رهي آهي. سکر ۾ پيش آيل واقعي بابت پارٽي قيادت نوٽيس ورتو آهي ۽ جوابدارن کي سزا ڏني ويندي. هن وڌيڪ چيو ته مخالف ڌر هر چونڊ ۾ دعوائون ڪندي رهي آهي، پر پاڪستان پيپلز پارٽي هر ڀيري وڌيڪ سيٽون حاصل ڪيون آهن. سندس چوڻ هو ته منشيات خلاف سنڌ حڪومت سخت قدم کڻي رهي آهي ۽ پوليس کي به واضح هدايتون ڏنيون ويون آهن، ڇاڪاڻ منشيات نوجوان نسل لاءِ وڏو خطرو بڻجي رهي آهي. سهيل انور سيال چيو ته سنڌ ۾ هن وقت پاڻي جي کوٽ واري صورتحال رپورٽ ناهي ٿي، جڏهن ته بلاول ڀٽو زرداري جي هدايتن تي ننڍن آبادگارن کي هاري ڪارڊ ذريعي ٻج ۽ ڀاڻ لاءِ مالي سهائتا فراهم ڪئي پئي وڃي ته جيئن زراعت کي هٿي ملي ۽ آبادگار خوشحال ٿي سگهن.











