ڪراچي -07 مئي (اي پي پي) سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي ته سنڌ حڪومت عورتن جي لاءِ وڌيڪ 1000 اي وي اسڪوٽيز خريد ڪرڻ، صوبي ۾ ماس ٽرانزٽ واري نظام کي وڌيڪ وسيع بڻائڻ لاءِ انٽر سٽي پيپلز بس سروس شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آھي. خيرپور کان روھڙي ۽ خيرپور کان راڻيپور نوان روٽس ايندڙ ھفتي شروع ڪرڻ جو بھ اعلان ڪيو ويو آھي. …
سنڌ حڪومت پاران عورتن جي لاءِ وڌيڪ 1000 اي وي اسڪوٽيز خريد ڪرڻ، صوبي ۾ ماس ٽرانزٽ واري نظام کي وڌيڪ وسيع بڻائڻ لاءِ انٽر سٽي پيپلز بس سروس شروع ڪرڻ جو فيصلو

مزید خبریں
ڪراچي -07 مئي (اي پي پي) سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي ته سنڌ حڪومت عورتن جي لاءِ وڌيڪ 1000 اي وي اسڪوٽيز خريد ڪرڻ، صوبي ۾ ماس ٽرانزٽ واري نظام کي وڌيڪ وسيع بڻائڻ لاءِ انٽر سٽي پيپلز بس سروس شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آھي. خيرپور کان روھڙي ۽ خيرپور کان راڻيپور نوان روٽس ايندڙ ھفتي شروع ڪرڻ جو بھ اعلان ڪيو ويو آھي. سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي تھ تمام جلد لاڙڪاڻي، دادو، سيوھڻ، حيدرآباد، سانگھڙ سميت ٻين ضلين ۾ انٽر سٽي بس سروس شروع ڪرڻ وڃي رھيا آھيون، ڪراچي جي لاءِ نيون اي ي ۽ ڊبل ڊيڪر بسون آنديون پيون وڃن. اهڙو اظهار هن سندس آفيس ۾ ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري کاتي جي ھڪ اھم اجلاس جي صدارت دوران ڪيو.اجلاس دوران پيپلز بس سروس جا نوان روٽ شروع ڪرڻ، پنڪ اي وي اسڪوٽيز ورھائڻ، اي وي ٽيڪسي روس ۽ ماس ٽرانزٽ جي جاري ۽ تجويز ڪيل رٿائن تي خيالن جي تفصيلي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري کاتي جي اختيارين اجلاس کي بريفنگ ڏيندي چيو تھ ايندڙ ڪجھھ مھينن دوران وڌيڪ نيون بسون ڪراچي پھچي وينديون، شھرين کي سفري سھولتن جي فراھمي ۾ وڌيڪ بھتري ايندي. ان موقعي تي سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ پنڪ اي وي اسڪوٽيز جي رجسٽريشن بابت مسئلن جو فوري حل يقيني بڻائڻ جون بھ ھدايتون ڏنيون. اجلاس ۾ ماس ٽرانزٽ نظام کي جديد بڻائڻ لاءِ وڌيڪ ڊبل ڊيڪر ۽ ھائبرڊ بسون ھلائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. اجلاس ۾ شھرين کي ماحول دوست ۽ معياري سفري سھولتن جي فراھمي جي مختلف رٿائن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ ڳالھائيندي سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ سنڌ حڪومت عورتن کي بااختيار بڻائڻ ۽ کين محفوظ ۽ باوقار سفري سھولتون ڏيڻ لاءِ عملي قدم کڻي رھي آھي. سنڌ حڪومت عوام کي جديد، محفوظ ۽ معياري ٽرانسپورٽ جون سھولتون فراھم ڪرڻ لاءِ سنجيدھ قدم کڻي رھي آھي. ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ ٽرانسپورٽ کي مرحليوار جديد بڻايو پيو وڃي. ھن چيو تھ عورتن، شاگردياڻين ۽ روزانو سفر ڪندڙ شھرين کي سھولت ڏيڻ حڪومت جي پھرين اوليت آھي. اي وي بسن، ھائبرڊ ٽرانسپورٽ ۽ پنڪ اسڪوٽيز جھڙا منصوبا نو رڳو ماحول دوست آھن پر شھرين جي لاءِ معاشي طور تي لاڀائتا بھ ثابت ٿيندا. سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ اجلاس دوران لاڳاپيل اختيارين کي ھدايتون ڏنيون تھ جاري رٿائن جي رفتار وڌيڪ تيز ڪئي وڃي تھ جيئن عوام جلد اُنھن سھولتن مان لاڀ ماڻي سگھي.اجلاس ۾ سيڪريٽري ٽرانسپورٽ اسد ضامن، ايم ڊي سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي سليم اللھ اوڍو سميت ٻين اختيارين شرڪت ڪئي.











