ڪراچي-07 مئي (اي پي پي) سنڌ جي 9 ضلعن جي مختلف لوڪل ڪائونسلز جي 19 سيٽن تي ضمني چونڊون 17 مئي تي ٿينديون. اليڪشن ڪميشن طرفان جاري بيان موجب شروعاتي طور تي اهي ضمني بلدياتي چونڊون 18 ضلعن جي 63 سيٽن تي ٿيڻيون آهن، جڏهن ته 40 اميدوار بنا مقابلي چونڊجي چڪا آهن جڏهن ته 4 سيٽن تي نامزدگي ڪاغذ جمع نه ڪرايا ويا جنهن جي ڪري گڏيل طور تي هن …
سنڌ جي 9 ضلعن جي لوڪل ڪائونسل جي 19 سيٽن تي ضمني چونڊون 17 مئي تي ٿينديون

مزید خبریں
ڪراچي-07 مئي (اي پي پي) سنڌ جي 9 ضلعن جي مختلف لوڪل ڪائونسلز جي 19 سيٽن تي ضمني چونڊون 17 مئي تي ٿينديون. اليڪشن ڪميشن طرفان جاري بيان موجب شروعاتي طور تي اهي ضمني بلدياتي چونڊون 18 ضلعن جي 63 سيٽن تي ٿيڻيون آهن، جڏهن ته 40 اميدوار بنا مقابلي چونڊجي چڪا آهن جڏهن ته 4 سيٽن تي نامزدگي ڪاغذ جمع نه ڪرايا ويا جنهن جي ڪري گڏيل طور تي هن وقت تائين 19 خالي سيٽن تي پولنگ جو عمل ٿيندو، بيان ۾ ٻڌايو ويو ته ضمني بلدياتي چونڊن جي سلسلي ۾ سمورا نتظام مڪمل ڪيا ويا آهن، پولنگ عملي جي تربيت جو مرحلو به مڪمل ٿي چڪو آهي جڏهن ته اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جون مانيٽرنگ ٽيمون لاڳاپيل تڪن ۾ چونڊ عمل جي موثر نگراني ڪري رهيون آهن.











