لاڙڪاڻي ۾ تعليم کاتي پاران ”معرڪه حق“ ۽ ”پڙهندي سنڌ ته وڌندي سنڌ“ جي عنوان سان ريلي ڪڍي وئي

لاڙڪاڻو-07 مئي (اي پي پي) تعليم کاتي ضلعي لاڙڪاڻي طرفان يونين ڪائونسل ڪنگا ۾ قائم گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول ڪنگا کان داخلا مهم جي سلسلي ۾ “پڙهندي سنڌ ته وڌندي سنڌ” ۽ “معرڪه حق” جي عنوان سان ريلي ڪڍي وئي. ريلي ۾ ڊي اِي او پرائمري لاڙڪاڻو انيس الرحمان جلباڻي، ٽي اِي او ميل ممتاز سومرو، يوسي چيئرمين ٿرڙي ايٽ ڪنگا علي ڏنو خان ڪنگو، پ پ اڳواڻ امان الله …

لاڙڪاڻو-07 مئي (اي پي پي) تعليم کاتي ضلعي لاڙڪاڻي طرفان يونين ڪائونسل ڪنگا ۾ قائم گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول ڪنگا کان داخلا مهم جي سلسلي ۾ “پڙهندي سنڌ ته وڌندي سنڌ” ۽ “معرڪه حق” جي عنوان سان ريلي ڪڍي وئي. ريلي ۾ ڊي اِي او پرائمري لاڙڪاڻو انيس الرحمان جلباڻي، ٽي اِي او ميل ممتاز سومرو، يوسي چيئرمين ٿرڙي ايٽ ڪنگا علي ڏنو خان ڪنگو، پ پ اڳواڻ امان الله شاهاڻي، مسعود اختر سومرو، نياز حسين جاگيراڻي، منور ڪلهوڙو، گدا حسين هريا، استادن، شاگردن، والدين ۽ ڳوٺاڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊي اِي او پرائمري انيس الرحمان جلباڻي ۽ ٻين چيو ته ريلي جو مقصد ٻارن کي تعليم ڏانهن راغب ڪرڻ سان گڏ پاڪ فوج، جي معرڪه حق دوران ڏنل لازوال قربانين کي ڀيٽا پيش ڪرڻ پڻ آهي. هنن چيو ته پاڪ فوج هميشه ملڪ جي سلامتي، بقا ۽ عوام جي تحفظ لاءِ بهادري سان پنهنجون ذميواريون نڀايون آهن، جڏهن ته دشمن جي هر سازش کي ناڪام بڻائي قوم جو سر فخر سان بلند ڪيو آهي. هنن چيو ته پاڪ فوج جي جوانن جون قربانيون قوم لاءِ مشعل راهه آهن، جن کي هميشه عزت ۽ احترام سان ياد رکيو ويندو. هنن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي صوبائي وزير تعليم ۽ سيڪريٽري تعليم جي هدايتن تي ضلعي  ۾ داخلا مهم هلائي پئي وڃي، جنهن تحت والدين کي اپيل ڪئي پئي وڃي ته هو پنهنجي ٻارن کي ويجهن سرڪاري اسڪولن ۾ داخل ڪرائن ته جيئن کين معياري ۽ مفت تعليم ملي سگهي. هنن چيو ته سنڌ حڪومت طرفان سرڪاري اسڪولن ۾ ڪتاب مفت فراهم ڪيا پيا وڃن، جڏهن ته قابل استاد ٻارن کي بهتر تعليم ڏئي رهيا آهن. هوڏانهن ڊي اِي او پرائمري انيس الرحمان جلباڻي ڳوٺ جو دورو پڻ ڪيو، جتي هن دڪاندارن ۽ رهواسين سان ملاقاتون ڪري کين وڌ کان وڌ ٻارن کي اسڪولن ۾ داخل ڪرائڻ جي اپيل ڪئي. ان موقعي تي هن اسڪول انتظاميا کي هدايت ڪئي ته استادن جي حاضري کي يقيني بڻايو وڃي، انرولمينٽ ۾ واڌ ڪئي وڃي ۽ غيرحاضر ٻارن جي والدين سان رابطو ڪري سندن اسڪولن ۾ حاضري يقيني بڻائي وڃي.

مزید خبریں