لاڙڪاڻي ۾ ”پڙهندي سنڌ تي وڌنڌي سنڌ“ جي عنوان سان شهرين جي آگاهي لاءِ ريلي

لاڙڪاڻو-07 مئي (اي پي پي) لاڙڪاڻي ۾ ڊائريڪٽر پرائمري خليل احمد مهر ۽ ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر پرائمري لاڙڪاڻو انيس الرحمان جلباڻي جي هدايتن تي تعلقي لاڙڪاڻي جي گورنمينٽ گرلس پرائمري اسڪول ريلڻ ۽ گورنمينٽ گرلس پرائمري اسڪول چنه محلا لاڙڪاڻو طرفان داخلا مهم جي سلسلي ۾ “پڙهندي سنڌ ته وڌندي سنڌ” جي عنوان سان تعلقه ايجوڪيشن آفيسر فيميل منير علي ڀٽو جي نگرانيءَ ۾ آگاهي ريلي ڪڍي وئي جنهن ۾ …

لاڙڪاڻو-07 مئي (اي پي پي) لاڙڪاڻي ۾ ڊائريڪٽر پرائمري خليل احمد مهر ۽ ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر پرائمري لاڙڪاڻو انيس الرحمان جلباڻي جي هدايتن تي تعلقي لاڙڪاڻي جي گورنمينٽ گرلس پرائمري اسڪول ريلڻ ۽ گورنمينٽ گرلس پرائمري اسڪول چنه محلا لاڙڪاڻو طرفان داخلا مهم جي سلسلي ۾ “پڙهندي سنڌ ته وڌندي سنڌ” جي عنوان سان تعلقه ايجوڪيشن آفيسر فيميل منير علي ڀٽو جي نگرانيءَ ۾ آگاهي ريلي ڪڍي وئي جنهن ۾ ريلڻ اسڪول جي هيڊمسٽريس رخسانه ڪلهوڙو، چنه محلا اسڪول جي هيڊمسٽريس سمرين سومرو، ماسترياڻين روزيه، رمشا، حنا سميت شاگردن ۽ شاگردياڻين هٿن ۾ بئنر کڻي وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ريلي کي خطاب ڪندي تعلقه ايجوڪيشن آفيسر فيميل منير علي ڀٽو چيو ته تعليم کاتي لاڙڪاڻي طرفان پرائمري اسڪولن ۾ نئين سال جي داخلا جي شروعات ڪئي وئي آهي جنهن ۾ والدين سميت سول سوسائٽي کي گهرجي ته هو نياڻين کي تعليم جي زيور سان آراسته ڪرڻ لاءِ اسان جو ساٿ ڏئي نياڻين کي ويجهن اسڪولن ۾ داخل ڪرائي سندن مستقبل کي سنوارين. هن چيو ته تعليم کاتي طرفان پرائمري اسڪولن جي ٻارن کي مفت درسي فراهم ڪيا پيا وڃن ۽ سمورن اسڪولن کي سولرائيز ڪري گهربل سهولتون فراهم ڪيون ويون آهن. سنڌ حڪومت جو تعليم کاتو صوبي جي هر ٻار کي تعليم ڏيارڻ لاءِ پرعزم آهي ان لاءِ داخلا مهم جي سلسلي ۾ آگاهي ريليون ڪڍي والدين کي اپيل ڪئي پئي وڃي ته هو پنهنجي ٻارن کي اسڪول ۾ داخل ڪرائن ڇاڪاڻ پڙهندي سنڌ ته وڌندي.

مزید خبریں