حيدرآباد-07 مئي (اي پي پي) معرڪه حق جي سلسلي ۾ سوشل ويلفيئر ڊپارٽمينٽ حيدرآباد پاران حب الوطني ريلي منعقد ڪئي وئي. ريلي ۾ مختلف اين جي اوز، سماجي تنظيمن ۽ شهرين ڀرپور شرڪت ڪئي، جڏهن ته يوٿ ويلفيئر سوسائٽي حيدآباد ڊويزن جي نمائندن پڻ شرڪت ڪئي. شرڪت ڪندڙن پاڪستان ۽ پاڪ فوج جي حق ۾ ڀرپور نعرا هنيا ۽ وطن سان محبت، شهيدن سان عقيدت ۽ قومي يڪجهتي جو اظهار …
معرڪه حق جي سلسلي ۾ سوشل ويلفيئر ڊپارٽمينٽ حيدرآباد پاران ريلي

مزید خبریں
حيدرآباد-07 مئي (اي پي پي) معرڪه حق جي سلسلي ۾ سوشل ويلفيئر ڊپارٽمينٽ حيدرآباد پاران حب الوطني ريلي منعقد ڪئي وئي. ريلي ۾ مختلف اين جي اوز، سماجي تنظيمن ۽ شهرين ڀرپور شرڪت ڪئي، جڏهن ته يوٿ ويلفيئر سوسائٽي حيدآباد ڊويزن جي نمائندن پڻ شرڪت ڪئي. شرڪت ڪندڙن پاڪستان ۽ پاڪ فوج جي حق ۾ ڀرپور نعرا هنيا ۽ وطن سان محبت، شهيدن سان عقيدت ۽ قومي يڪجهتي جو اظهار ڪيو. شرڪت ڪندڙن چيو ته قوم پنهنجي شهيدن جي قربانين کي هميشه ياد رکندي ۽ ملڪ جي دفاع ۽ استحڪام لاءِ متحد رهندي. ريلي دوران نوجوانن جي جذبي، سماجي هم آهنگي ۽ خلق جي خدمت جي عزم کي ساراهيندي ان ڳالهه جو عزم ڪيو ويو ته ملڪ جي امن، ترقي ۽ استحڪام لاءِ گڏيل ڪوششون جاري رکيون وينديون.











