لاڙڪاڻو-07 مئي (اي پي پي) يونيورسٽي آف لاڙڪاڻو جي فيڪلٽي آف انجنيئرنگ پاران معرڪه حق 2026 جي پهرين سالگرهه وڏي شان ۽ شوڪت سان ملهايي وئي، جنهن دوران مختلف تقريبن ۽ مقابلن جو اهتمام ڪيو ويو، جن ۾ تقريري مقابلو، مضمون نويسي مقابلو، آرٽس مقابلو ۽ اي آءِ وڊيوز جنريشن شامل هئا۔ تقريب جو افتتاح وائس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر نيڪ محمد شيخ ڪيو، جن فاتح شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ ميڊلز …
يونيورسٽي آف لاڙڪاڻو ۾ معرڪه حق جي پهرين سالگرهه وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهائي وئي

مزید خبریں
لاڙڪاڻو-07 مئي (اي پي پي) يونيورسٽي آف لاڙڪاڻو جي فيڪلٽي آف انجنيئرنگ پاران معرڪه حق 2026 جي پهرين سالگرهه وڏي شان ۽ شوڪت سان ملهايي وئي، جنهن دوران مختلف تقريبن ۽ مقابلن جو اهتمام ڪيو ويو، جن ۾ تقريري مقابلو، مضمون نويسي مقابلو، آرٽس مقابلو ۽ اي آءِ وڊيوز جنريشن شامل هئا۔ تقريب جو افتتاح وائس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر نيڪ محمد شيخ ڪيو، جن فاتح شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ ميڊلز ۽ سرٽيفڪيٽ ورهايا۔ پنهنجي خطاب ۾ ڊاڪٽر نيڪ محمد شيخ يونيورسٽي جي ترقي پسند تعليمي ماحول کي اجاگر ڪندي شاگردن ۾ صلاحيتن، حب الوطني ۽ مثبت طرزِ زندگي جي واڌاري لاءِ يونيورسٽي جي عزم کي ساراهيو۔تقريب جي شروعات ڊاڪٽر سيد عابد علي شاهه، چيئرمين ڊپارٽمينٽ آف اليڪٽريڪل انجنيئرنگ، جي آجيان واري تقرير سان ٿي، جنهن شرڪت ڪندڙن جي جذبي، محنت ۽ لگن جي واکاڻ ڪئي۔معزز مهمانن ۾ برٽين گرامر اسڪول، حسنين گرامر هاءِ اسڪول ۽ سويٽ هوم يتيم خاني جا شاگرد شامل هئا، جن هڪ دلڪش ملي نغمو پيش ڪري تقريب ۾ حب الوطني جو جذبو وڌيڪ نمايان ڪيو۔خصوصي واکاڻ منتظمين جي ٽيم انجنيئر ارسلان سوهو، انجنيئر عبد اللطيف، انجنيئر ڊاڪٽر محمد ميراڻي، ۽ مسٽر سراج احمد ڀٽو جي ڪئي وئي، جن جي انتھڪ محنت ۽ ڪوششن سان هي تقريب ڪاميابي سان منعقد ٿي.يونيورسٽي آف لاڙڪاڻو هڪ ڀيرو ٻيهر قومي جذبي جي واڌاري، شاگردن جي مثبت سرگرمين ۾ شموليت ۽ ثقافتي توڙي تعليمي سرگرمين ذريعي همه جهت ترقي لاءِ پنهنجي عزم جو مظاهرو ڪيو.











