حيدرآباد-07 مئي(اي پي پي) سانگهڙ ۾ قومي پيغام امن ڪميٽي پاڪستان جي انتظام هيٺ ”معرڪه حق- بنيان المرصوص“ کي هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي تقريب منعقد ڪئي، جنهن ۾ پاڪ فوج کي شاندار خراج تحسين پيش ڪيو ويو. تقريب ۾ هندو برادري سان گڏو گڏ مسيحي برادري وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ۽ قومي يڪجهتي، مذهبي هم آهنگي ۽ ڀائيچاري جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. تقريب دوران ”معرڪه حق- بنيان …
سانگهڙ ۾ قومي پيغام امن ڪميٽي پاڪستان جي انتظام هيٺ معرڪه حق کي هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي تقريب منعقد

مزید خبریں
حيدرآباد-07 مئي(اي پي پي) سانگهڙ ۾ قومي پيغام امن ڪميٽي پاڪستان جي انتظام هيٺ ”معرڪه حق- بنيان المرصوص“ کي هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي تقريب منعقد ڪئي، جنهن ۾ پاڪ فوج کي شاندار خراج تحسين پيش ڪيو ويو. تقريب ۾ هندو برادري سان گڏو گڏ مسيحي برادري وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ۽ قومي يڪجهتي، مذهبي هم آهنگي ۽ ڀائيچاري جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. تقريب دوران ”معرڪه حق- بنيان المرصوص“ جي شهيدن جي ياد ۾ ڏيئا ٻاريا ويا جڏهن ته شرڪت ڪندڙن شهيدن جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي. ان موقعي تي ”پاڪستان زنده باد“ ۽ پاڪ فوج زنده باد“ جا نعرا لڳايا ويا. معرڪه حق جي ڪاميابي کي هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي ڪيڪ به ڪاٽيو ويو. تقريب ۾ ٻارن هٿن ۾ قومي جهندو کڻي پاڪستان ۽ پاڪ فوج لاءِ پنهنجي جوش ۽ جذبي جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي قومي پيغام امن ڪميٽي پاڪستان جي ميمبر راجيش ڪمار ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي سانگهڙ جي صدر اعجاز حسين زرداري سميت ٻين خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان جي سلامتي، استحڪام ۽ دفاع لاءِ پاڪ فوج جون قربانيون وساري نه ٿيون سگهجن ۽ سڄي قوم پاڪ فوج سان گڏ بيٺل آهي. هنن چيو ته مختلف مذهبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن جي گڏيل شرڪت ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته پاڪستاني قوم اتحاد جو ڀرپور جذبو رکي ٿي.











