ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو طارق منظور چانڊيو جي صدارت ۾ رائيس ملز ايسوسيئيشن لاڙڪاڻو جي حوالي سان اجلاس

لاڙڪاڻو _ 07 مئي (اي پي پي) ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو طارق منظور چانڊيو جي صدارت هيٺ سندس آفيس ۾ رائيس ملز ايسوسيئيشن لاڙڪاڻو جي حوالي سان هڪ اجلاس منعقد ٿيو.اجلاس ۾ رائيس ملز ايسوسيئيشن لاڙڪاڻو جو جنرل سيڪريٽري اسد اعجاز تنيو، مارڪيٽ ڪميٽي جو ايڊمنسٽريٽر شعيب احمد ڀٽو ۽ ڪميٽي جا ٻيا عهديدار شريڪ ٿيا. مارڪيٽ ڪاميٽي جي ايڊمنسٽريٽر شعيب احمد ڀٽو اجلاس کي رائيس ملز جي ذمي مارڪيٽ ڪميٽي …

لاڙڪاڻو _ 07 مئي (اي پي پي) ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو طارق منظور چانڊيو جي صدارت هيٺ سندس آفيس ۾ رائيس ملز ايسوسيئيشن لاڙڪاڻو جي حوالي سان هڪ اجلاس منعقد ٿيو.اجلاس ۾ رائيس ملز ايسوسيئيشن لاڙڪاڻو جو جنرل سيڪريٽري اسد اعجاز تنيو، مارڪيٽ ڪميٽي جو ايڊمنسٽريٽر شعيب احمد ڀٽو ۽ ڪميٽي جا ٻيا عهديدار شريڪ ٿيا. مارڪيٽ ڪاميٽي جي ايڊمنسٽريٽر شعيب احمد ڀٽو اجلاس کي رائيس ملز جي ذمي مارڪيٽ ڪميٽي فيس جي ڊگهي عرصي کان رهيل رهتن بابت بريفنگ ڏني. هن ٻڌايو ته اهو مسئلو صوبي جي ٻين ضلعن ۾ ادا ڪيل مارڪيٽ ڪميٽي جي فيس جي حصي سان لاڳاپيل آهي. ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو ٻنهي ڌرين جو موقف ٻڌڻ بعد رائيس ملز ايسوسيئيشن لاڙڪاڻو کي هدايت ڪئي ته سومر تائين مجاز فورم کان قانوني راءِ حاصل ڪيو ته جيئن معاملي کي خوش اسلوبي سان حل ڪري سگهجي.

مزید خبریں