لاڙڪاڻو_ 7 مئي (اي پي پي) شڪارپور جي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون محمد فيضان چيما جي صدارت ۾ ٿيليسميا فائونڊيشن جي گڏجاڻي ڪوٺائي وئي. گڏجاڻيءَ ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون ڳالهائيندي چيو ته شڪارپور ۾ ٿيليسميا جي بيماري جا هن وقت 338 مريض آهن جن ۾ ٻار، ڇوڪريون، عورتون، مرد، نوجوان ڇوڪرا شامل آهن. انڪري ضلعي انتظاميه، صحت، پوليس، تعليم، سميت شڪارپور جي سڀني سرڪاري ملازمن توڙي شڪارپور جي شعوررکندڙ …
شڪارپور جي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون جي صدارت ۾ ٿيليسميا فائونڊيشن جي گڏجاڻي

مزید خبریں
لاڙڪاڻو_ 7 مئي (اي پي پي) شڪارپور جي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون محمد فيضان چيما جي صدارت ۾ ٿيليسميا فائونڊيشن جي گڏجاڻي ڪوٺائي وئي. گڏجاڻيءَ ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون ڳالهائيندي چيو ته شڪارپور ۾ ٿيليسميا جي بيماري جا هن وقت 338 مريض آهن جن ۾ ٻار، ڇوڪريون، عورتون، مرد، نوجوان ڇوڪرا شامل آهن. انڪري ضلعي انتظاميه، صحت، پوليس، تعليم، سميت شڪارپور جي سڀني سرڪاري ملازمن توڙي شڪارپور جي شعوررکندڙ نوجوانن کي عرض آهي ته کين رت جي هڪ ٿيلهي ڏئي مدد ڪندا ته وڌ ۾ وڌ ثواب حاصل ٿيندو. هن چيو ته رت جو عطيو ڏيڻ سان انسان جي جسم تي زڪوات به آهي ۽ رت ڏيڻ سان انساني همدردي ۽ ثواب خاطر ڪنهن بيمار جي حياتي بچائي سگهجي ٿي. هن چيو ته اسان سوشل سماجي اڳواڻن، يونيورسٽي انتظاميه شڪارپور ۾ درد رکندڙ ماڻهن کي التجا ڪريون ٿا ته هن ثواب جي ڪم مان ڀرپور فائدو وٺن. ان موقعي تي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون محمد فيضان چيما چيو ته ٿيليسميا هڪ خطرناڪ بيماري آهي، جنهن ۾ ٻارن کي ڄمڻ کان وٺي تقريباً 12 سالن جي عمر تائين رت جي شديد کوٽ کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون چيو ته رت جي مسلسل کوٽ انهن ٻارن جي زندگي لاءِ سنگين خطرو بڻجي سگهي ٿي. محمد افضل (افضل ميموريل ٿيليسيما فائونڊيشن) اي ايم ٽي ايف جي مئنيجر چيو ته ان مسئلي جي اهميت کي نظر ۾ رکندي 8 مئي 2026 تي ڊي ايڇ او آفيس سول اسپتال شڪارپور ۾ ٿيليسميا بابت 30-9 وڳي صبح جو هڪ آگاھي واڪ منعقد ڪيو ويندو. واڪ جو مقصد عوام ۾ شعور پيدا ڪرڻ ۽ ٿيليسميا جي مريضن لاءِ محفوظ رت جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ آهي. هن چيو ته رضاڪاراڻا طور تي رت عطيو مهم پڻ هلائي ويندي، ته جيئن رت جي ضرورت رکندڙ ٻارن کي بروقت رت فراهم ڪري سگهجي. ان موقعي تي پرويز احمد لاکو ڊي سي ايف اين جي او طرفان چيو ته چڪ ۾ 16 مئي تي ٽي بيءَ جي هڪ ڪيمپ رکيل آهي اتي به اسان رت جي عطيي لاءِ به ڪيمپ هڻنداسين.ڊسٽرڪٽ پروجيڪٽ آفيسر سرسو ميڊم هميرا سومرو چيو ته اسانجون ٽيمون ڳوٺن ۾ وينديون آهن ۽ انهن کي به چونداسين ته هن ڪارخير جي ڪم ۾ حصو وٺن.اجلاس ۾ پوليس، هيلٿ ڊپارٽمينٽ جي آفيسرن، چئن تعلقن جي اسسٽنٽ ڪمشنرن، تعليم کاتي، سوشل ويلفيئر ڊپارٽمينٽ، لوڪل گورنمينٽ، سرسو سميت مختلف اين جي اوز جي نمائندن پڻ شرڪت ڪئي.











