روم_ -07 مئي (اي پي پي) انٽر نيشنل سائيڪلنگ يونين (يو سي آءِ) جي اهتمام هيٺ گيرو ڊي اٽاليه سائيڪل ريس جو 109 هون ايڊيشن 8 مئي جمعي ڏينهن کان نيسبار، بلغاريه ۾ شروع ٿيندو، جنهن جي پڄاڻي اٽلي جي گادي واري شهر روم ۾ ٿيندي.پرڏيهي ميڊيا مطابق گيروڊي اٽاليه هڪ گرينڊ ٽور سائيڪلنگ اسٽيج ريس آهي جيڪا ٽن هفتن ۾ مڪمل ٿيندي آهي. ايونٽ جو 109هون ايڊيشن هلندڙ مهيني 8 مئي کان …
گيرو ڊي اٽاليه سائيڪل ريس جي شروعات 8 مئي تي بلغاريه کان ٿيندي
روم_ -07 مئي (اي پي پي) انٽر نيشنل سائيڪلنگ يونين (يو سي آءِ) جي اهتمام هيٺ گيرو ڊي اٽاليه سائيڪل ريس جو 109 هون ايڊيشن 8 مئي جمعي ڏينهن کان نيسبار، بلغاريه ۾ شروع ٿيندو، جنهن جي پڄاڻي اٽلي جي گادي واري شهر روم ۾ ٿيندي.پرڏيهي ميڊيا مطابق گيروڊي اٽاليه هڪ گرينڊ ٽور سائيڪلنگ اسٽيج ريس آهي جيڪا ٽن هفتن ۾ مڪمل ٿيندي آهي. ايونٽ جو 109هون ايڊيشن هلندڙ مهيني 8 مئي کان شروع ٿي 31 مئي تي اٽلي جي مشهور شهر ۽ گادي واري شهر روم ۾ ختم ٿيندو. ريس ۾ 200 ڪلوميٽرن کان وڌيڪ ڊگهي مفاصلي جا 4 مراحلا ٿيندا. ريس جي ميزباني اٽلي ئي ڪندو. سائيڪل ريس ۾ دنيا جا مشهور سائيڪلسٽس شرڪت ڪندا.گيرو ڊي اٽاليه سائيڪل ريس 21 مرحلن تي ٻڌل هوندي جنهن ۾ سائيڪل سوار 3459.2 ڪلوميٽرن جو سفر طئي ڪندا. گيرو ڊي اٽاليه سائيڪل ريس ۾ 23 ٽيمون ٽائٽل حاصل ڪرڻ لاءِ ايڪشن ۾ نظر اينديون. گيرو ڊي اٽاليه سائيڪل ريس 8 مئي کان شروع ٿي 24 ڏينهن جاري رهڻ بعد 31 مئي تي ختم ٿيندي.












