سول اسپتال شڪارپور ۾ جديد قسم جي ٽراما سينٽر جو افتتاح، ٽراما سينٽر جلد فعال ٿيندو: ايم پي اي امتياز احمد شيخ

لاڙڪاڻو _ 06 مئي (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ، اڳوڻي صوبائي وزير ۽ ايم پي اي امتياز احمد شيخ جي ميزباني هيٺ سول اسپتال شڪارپور ۾ جديد قسم جو ٽراما سينٽر قائم ڪرڻ لاءِ مقامي هوٽل ۾ هڪ تقريب منعقد ڪئي وئي.تقريب ۾ امتياز احمد شيخ، پارڪو هيڊ آف ڪوآپريٽو افيئرز ۽ سي ايس آر نديم اجيت چشتي، ڊسٽرڪٽ ڪائونسل چيئرمين ذوالفقار علي خان ڪماريو، ڊپٽي ڪمشنر …

لاڙڪاڻو _ 06 مئي (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ، اڳوڻي صوبائي وزير ۽ ايم پي اي امتياز احمد شيخ جي ميزباني هيٺ سول اسپتال شڪارپور ۾ جديد قسم جو ٽراما سينٽر قائم ڪرڻ لاءِ مقامي هوٽل ۾ هڪ تقريب منعقد ڪئي وئي.تقريب ۾ امتياز احمد شيخ، پارڪو هيڊ آف ڪوآپريٽو افيئرز ۽ سي ايس آر نديم اجيت چشتي، ڊسٽرڪٽ ڪائونسل چيئرمين ذوالفقار علي خان ڪماريو، ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور شڪيل احمد ابڙو، ايس ايس پي شڪارپور محمد ڪليم ملڪ، ريجنل ڊائريڪٽر اسٽيوٽا مريد حسين ککراڻي، پارڪو شڪارپور هيڊ دانيال، ميجر فيضان، قاضي سيلمان، ڊاڪٽر غلام اصغر مڱڻهار، ڊي ايڇ او شڪارپور ارشاد احمد سرڪي، ايم ايس ڊاڪٽر جئي پرڪاش، ڊاڪٽر جهانگير شيخ، ڊاڪٽر ظهير شمس، ڊاڪٽر اطهر شاھ سميت چونڊيل نمائندن، واپارين، معززين شهرين ۽ ٻين شرڪت ڪئي.ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور شڪيل احمد ابڙو چيو ته پارڪو جي تعاون سان سول اسپتال شڪارپور ۾ ٽراما سينٽر جو افتتاح ڪيو پيو وڃي.ڊسٽرڪٽ ڪائونسل چيئرمين ذوالفقار علي خان ڪماريو چيو ته شڪارپور جي عوام لاءِ ايم پي اي امتياز احمد شيخ جون ڪاوشون ساراهه جوڳيون آهن. هن چيو ته امتياز احمد شيخ ضلعي شڪارپور لاءِ ڪيترائي بهترين پراجيڪٽ ڏنا آهن جن مان عوام ڀرپور فائدو وٺي رهيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي جو منشور عوام لاءِ ڀرپور خدمتون سرانجام ڏيڻ آهي. پيپلز بس سروس کانپوءِ هاڻي ٽراما سينٽر جو قيام ان جو تسلسل آهي. عوام لاءِ ٻيا ڪيترائي فائديمند منصوبا به مرحليوار پيش ڪيا ويندا.پارڪو جي هيڊ آف ڪوآپريٽو افيئرز ۽ سي ايس آر نديم اجيت چشتي چيو ته شڪارپور ضلعي ۾ امتياز احمد شيخ جي اڳواڻي هيٺ ڪيترائي ڪم مڪمل ڪيا ويا آهن. هن چيو ته امتياز احمد شيخ انهن ڪامياب سياستدانن مان آهن جيڪي هر ڪم دل ۽ جان سان عوام جي ڀلائي لاءِ ڪن ٿا. هن چيو ته شڪارپور جو عوام خوش قسمت آهي جنهن کي عوام جو درد سمجهندڙ ۽ عوامي خدمت تي يقين رکندڙ اڳواڻ مليو آهي. هن وڌيڪ چيو ته پارڪو جي تعاون سان سنڌ ٽريننگ ايجوڪيشن اينڊ ووڪيشنل ٽريننگ اٿارٽي (اسٽيوٽا) جو به معائنو ڪيو ويو. سول ۽ اليڪٽريڪل ليب جو جائزو وٺندي هن چيو ته انهن ليبن کي ڪراچي ۽ اسلام آباد جي طرز تي اپگريڊ ڪيو ويندو. هن هدايت ڪئي ته شاگردن جي انرولمينٽ وڌائي وڃي ۽ ڊبل شفٽ ۾ ڪلاس هلايا وڃن ته جيئن وڌ کان وڌ شاگرد فائدو وٺي سگهن.ميمبر سنڌ اسيمبلي امتياز احمد شيخ چيو ته شڪارپور جي عوام جي سهولتن لاءِ ڏينهن رات ڪوششون جاري آهن. اڄ سول اسپتال ۾ ٽراما سينٽر جو افتتاح ڪري رهيا آهيون ۽ ان کي جلد کان جلد فعال ڪيو ويندو. هن چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ وڏي وزير سنڌ جو ٿورائتو آهيان جن هي منصوبو ڏنو. هي منصوبو سنڌ جي ٻين ضلعن کان اڳ شڪارپور ۾ آندو ويو آهي. هن چيو ته پيپلز پارٽي جو منشور عوام کي وڌ کان وڌ سهولتون فراهم ڪرڻ آهي. ايس آءِ يو ٽي، ٿيليسيميا سينٽر، اين آءِ سي وي ڊي، بس سروس، گهر، سولر سسٽم ۽ تعليم سميت ڪيترائي پروگرام عوام جي سامهون آهن. هن ٻڌايو ته اڄ پارڪو جي اعليٰ عملدارن سان گڏ اسٽيوٽا جو به دورو ڪيو ويو ۽ سول ۽ اليڪٽريڪل ليب جو معائنو ڪيو ويو. پرنسپال کي هدايت ڪئي وئي ته جلد پي سي ون تيار ڪرائي ته جيئن ڪم جي شروعات ڪري سگهجي ۽ شاگردن کي اسڪالرشپ جي سهولت به ڏني وڃي.

مزید خبریں