ڪراچي سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار شيما ڪرماني ۽ انساني حقن سان لاڳاپيل عورت ورڪرن جي گرفتاري ۽ مبينا بدسلوڪي واري واقعي جو سختيءَ سان نوٽيس ورتو آهي. معاملي تي فوري ڪارروائي ڪندي ڊي ايس پي صدر ناصر آفريدي، ايس ايڇ او وومن حنا مغل ۽ ايس ايڇ او آرٽلري کي معطل ڪيو ويو آهي. گهرو وزير جي ترجمان موجب گهرو وزير ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي آزاد خان …
گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار پاران شيما ڪرماني ۽ انساني حقن سان لاڳاپيل عورت ورڪرن جي گرفتاري جو سختيءَ سان نوٽيس، ڊي ايس پي صدر ، ايس ايڇ او وومن حنا مغل ۽ ايس ايڇ او آرٽلري معطل

مزید خبریں
ڪراچي سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار شيما ڪرماني ۽ انساني حقن سان لاڳاپيل عورت ورڪرن جي گرفتاري ۽ مبينا بدسلوڪي واري واقعي جو سختيءَ سان نوٽيس ورتو آهي. معاملي تي فوري ڪارروائي ڪندي ڊي ايس پي صدر ناصر آفريدي، ايس ايڇ او وومن حنا مغل ۽ ايس ايڇ او آرٽلري کي معطل ڪيو ويو آهي. گهرو وزير جي ترجمان موجب گهرو وزير ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي آزاد خان جي سربراهيءَ ۾ واقعي جي شفاف ۽ مڪمل جاچ جو حڪم ڏيندي واضح ڪيو ته اختيارن جي ناجائز استعمال تي زيرو ٽالرنس پاليسي اختيار ڪئي وئي آهي ۽ ڪنهن کي به قانون کان مٿانهون نه سمجهيو ويندو. هن چيو ته عورتن جي احترام ۽ سندن بنيادي حقن جو هر صورت ۾ تحفظ يقيني بڻايو ويندو. هن افسوسناڪ واقعي تي گهري ڏک جو اظهار ڪندي چيو ته ذاتي طور تي کيس ان تي سخت ڏک پهتو آهي. گهرو وزير شيما ڪرماني سان رابطو ڪري معذرت به ڪئي ۽ يقين ڏياريو ته انصاف جون گهرجون پوريون ڪيون وينديون. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته پاڪستان پيپلز پارٽي هميشه عورتن ۽ ٽرانس جينڊر ڪميونٽي جي احترام ۽ برابري جي حقن جي علمبردار رهي آهي. هن شهيد قائد بينظير ڀٽو ۽ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ويزن جو حوالو ڏيندي چيو ته پارٽي جو بنياد ئي انساني وقار، برابري ۽ انصاف جي اصولن تي قائم آهي، جن تي هر حال ۾ عملدرآمد يقيني بڻايو ويندو.











