ڪراچي-6 مئي (اي پي پي)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سنڌ سوشل پروٽيڪشن اٿارٽي جي ٽئين بورڊ اجلاس جي صدارت ڪندي صوبي ۾ سماجي تحفظ جي نظام کي وڌيڪ مضبوط ۽ وسيع ڪرڻ لاءِ اهم فيصلن جي منظوري ڏئي ڇڏي. وڏي وزير جي ترجمان موجب سي ايم هائوس ۾ ٿيل اجلاس ۾ ماءُ ۽ ٻار جي ڀلائي، ٻهراڙي جي عورتن جي مالي سهائتا ۽ غريب خاندانن جي سهولت …
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه صوبي ۾ سماجي تحفظ جي نظام کي وڌيڪ مضبوط ۽ وسيع ڪرڻ لاءِ اهم فيصلن جي منظوري ڏئي ڇڏي

مزید خبریں
ڪراچي-6 مئي (اي پي پي)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سنڌ سوشل پروٽيڪشن اٿارٽي جي ٽئين بورڊ اجلاس جي صدارت ڪندي صوبي ۾ سماجي تحفظ جي نظام کي وڌيڪ مضبوط ۽ وسيع ڪرڻ لاءِ اهم فيصلن جي منظوري ڏئي ڇڏي. وڏي وزير جي ترجمان موجب سي ايم هائوس ۾ ٿيل اجلاس ۾ ماءُ ۽ ٻار جي ڀلائي، ٻهراڙي جي عورتن جي مالي سهائتا ۽ غريب خاندانن جي سهولت لاءِ ڪيترن ئي اهم منصوبن تي اتفاق ڪيو ويو. اجلاس دوران 8 لک 85 هزار ٻارن لاءِ نئون ارلي چائلڊ هوڊ ڊولپمينٽ پروگرام شروع ڪرڻ، زرعي شعبي سان لاڳاپيل عورتن لاءِ روڪ امداد فراهم ڪرڻ ۽ ‘ممتا’ صحت ڪيش ٽرانسفر پروگرام ۾ بنيادي سڌارن جي منظوري ڏني وئي. ‘ممتا’ پروگرام هن وقت 22 ضلعن ۾ جاري آهي، جنهن جي بجيٽ 56 ارب رپيا آهي ۽ ڏهه لک کان وڌيڪ ماڻهو ان مان فائدو وٺي رهيا آهن. ادائگين کي وڌيڪ شفاف ۽ يقيني بڻائڻ لاءِ “هائبرڊ پريڊيڪٽيبل پيمنٽ ماڊل” لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، جنهن تحت مائرن کي مقرر وقت تي رقم ملندي. ان کان علاوه، ماءُ ۽ ننڍڙن ٻارن لاءِ مڪمل ۽ جزوي روڪ ادائگين ۾ به واڌ ڪئي وئي ته جيئن ڪو به مستحق ٻار مدد کان محروم نه رهي. اجلاس ۾ غربت گهٽائڻ ۽ انساني ترقي کي هٿي ڏيڻ لاءِ 14 ارب رپين جي اي سي ڊي منصوبي ۽ “ويمن ايگريڪلچرل ورڪرز پروگرام” جي به منظوري ڏني وئي، جنهن سان ٻهراڙي جي عورتن کي وقتي بيروزگاري دوران مالي سهارو ملندو.‘ممتا’ پروگرام کي ڪراچي ۽ حيدرآباد جي پسمانده علائقن تائين وڌائڻ لاءِ به قدم کنيا ويا، جڏهن ته صحت سهولتن جي بهتري ۽ انتظامي نظام کي مضبوط ڪرڻ لاءِ اضافي اپاءَ ورتا ويا. ان موقعي تي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته حڪومت جو مقصد غريب خاندانن لاءِ هڪ قابلِ اعتماد ۽ مضبوط سماجي تحفظ جو نظام قائم ڪرڻ آهي، جيڪو خاص طور عورتن ۽ ٻارن کي بااختيار بڻائي ۽ صوبي جي ڊگهي مدي واري ترقي ۾ مددگار ثابت ٿئي. اجلاس ۾ صوبائي وزيرن ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو، سعيد غني (بورڊ جو وائيس چيئرمين)، سيد سردار شاهه، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف، بورڊ جي ميمبرن ۾ حارث گزدر، سونو خان، شيرين ناريجو، امر حبيب خان، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف، چيئرمين پي اينڊ ڊي نجم شاهه، سيڪريٽري ناڻو فياض جتوئي، سيڪريٽري سوشل پروٽيڪشن خادم چنا، ۽ سي اي او ايس ايس پي اي ارشاد سوڍر شرڪت ڪئي.











