معرڪه حق جي موقعي تي حيدرآباد جي سنڌ ميوزيم ۾ تصويري نمائش جو بندوبست

حيدرآباد-06 مئي (اي پي پي) ثقافت، سياحت ۽ نوادارات بابت صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاهه جي هدايت تي ثقافت کاتي طرفان سنڌ ميوزيم حيدرآباد ۾ معرڪه حق جي تاريخي ڏينهن جي ياد ۾ تصويري نمائش جو بندوبست ڪيو ويو جيڪو 10 مئي تائين جاري رهندو. تقريب سنڌ حڪومت جي مقرر ايس او پيز موجب منعقد ڪئي وئي جنهن جي شروعات قومي جهنڊي ڦڙڪائڻ ۽ يادگاري وڻڪاري سان ٿي. اها …

حيدرآباد-06 مئي (اي پي پي) ثقافت، سياحت ۽ نوادارات بابت صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاهه جي هدايت تي ثقافت کاتي طرفان سنڌ ميوزيم حيدرآباد ۾ معرڪه حق جي تاريخي ڏينهن جي ياد ۾ تصويري نمائش جو بندوبست ڪيو ويو جيڪو 10 مئي تائين جاري رهندو. تقريب سنڌ حڪومت جي مقرر ايس او پيز موجب منعقد ڪئي وئي جنهن جي شروعات قومي جهنڊي ڦڙڪائڻ ۽ يادگاري وڻڪاري سان ٿي. اها تقريب سنڌ ميوزيم حيدرآباد جي ڊائريڪٽر ذوالفقار علي پنهور جي صدارت ۾ ٿي. ان موقعي تي خطاب ڪندي هن چيو ته حق جي ويڙهه جي ياد تازي رکڻ ايندڙ نسلن لاءِ حوصله افزائي ۽ قومي شعور کي اجاگر ڪرڻ جو ذريعو آهي. نمائش ۾ شهرين، شاگردن، ثقافتي شخصيتن ۽ معزز مهمانن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. شرڪت ڪندڙن نمائش ۾ پيش ڪيل تصويرن ذريعي حق جي ويڙهه جي هيروز کي خراجِ عقيدت پيش ڪيو ۽ ان تاريخي ڏينهن جي اهميت کي اجاگر ڪيو. عملدارن موجب ان نمائش جو مقصد نئين نسل کي قومي تاريخ سان روشناس ڪرائڻ ۽ ملڪ جي دفاع ۾ ڏنل قربانين کي اجاگر ڪرڻ آهي.

مزید خبریں