نيوزيلينڊ جي وومين ڪرڪيٽ ٽيم جو انگلينڊ جو دورو، ميزبان ٽيم خلاف ٽن ون ڊي ۽ ٽن ٽي _20 ميچن جي سيريز کيڏندي

لنڊن- 6 مئي(اي پي پي) نيوزيلينڊ جي عورت ڪرڪيٽ ٽيم هلندڙ مهيني انگلينڊ جو دورو ڪندي جتي اها ميزبان ٽيم خلاف ٽن ون ڊي ۽ ٽن ٽي _ ٽوئنٽي عالمي ميچن جي سيريز کيڏندي. انگلينڊ ويلز ڪرڪيٽ بورڊ (اي سي بي) موجب، ٽن  ون ڊي عالمي سيريز جي پهريون ميچ 10 مئي تي ريور سائيڊ گرائونڊ، چيسٽرلي اسٽريٽ، ٻي ون ڊي ميچ 13 مئي تي ڪائونٽي گرائونڊ، نارٿمپٽن ۽ ٽين ۽ آخري ون …

لنڊن- 6 مئي(اي پي پي) نيوزيلينڊ جي عورت ڪرڪيٽ ٽيم هلندڙ مهيني انگلينڊ جو دورو ڪندي جتي اها ميزبان ٽيم خلاف ٽن ون ڊي ۽ ٽن ٽي _ ٽوئنٽي عالمي ميچن جي سيريز کيڏندي. انگلينڊ ويلز ڪرڪيٽ بورڊ (اي سي بي) موجب، ٽن  ون ڊي عالمي سيريز جي پهريون ميچ 10 مئي تي ريور سائيڊ گرائونڊ، چيسٽرلي اسٽريٽ، ٻي ون ڊي ميچ 13 مئي تي ڪائونٽي گرائونڊ، نارٿمپٽن ۽ ٽين ۽ آخري ون ڊي ميچ 16 مئي تي صوفيا گارڊن، ڪارڊف ۾ کيڏي ويندي. هڪ ڏينهن واري ميچ جي سيريز ۾، انگلينڊ جي ٽيم جي اڳواڻي چارلي ڊين ڪندي، جڏهن ته نيوزيلينڊ جي ٽيم جي اڳواڻي اميليا ڪير ڪندي. هڪ ڏينهن واري سيريز کان پوءِ، ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٽن ميچن جي ٽي_ 20 سيريز جي پهريون ميچ 20 مئي تي ڪائونٽي گرائونڊ ڊربي، ٻي ميچ 23 مئي تي سينٽ لارنس گرائونڊ ڪينٽر بري ۽ ٽين ۽ آخري ٽي_ 20 ميچ 25 مئي تي هوو جي ڪائونٽي گرائونڊ تي کيڏي ويندي.

مزید خبریں