اي آءِ ذريعي منهنجون جعلي تصويرون تيار ڪري سوشل ميڊيا تي وائرل ڪيون پيون وڃن: اٽلي جي وزيرعظم جارجيا ميلوني

روم _ 6 مئي (اي پي پي) اٽلي جي وزيراعظم جارجيا ميلوني مصنوعي ذهانت (اي آءِ) ذريعي سندس ٺاهايل جعلي تصويرن (ڊيپ فيڪ) جي وڌندڙ رجحان تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي خبردار ڪيو آهي ته اهڙي طرح جون تصويرون عوام کي آساني سان ڌوڪو ڏئي سگهن ٿيون. پرڏيهي ميڊيا مطابق هن گذريل ڏينهن بيان ۾ چيو ته منهنجون ڪيتريون ئي جعلي تصويرون مصنوعي ذهانت ذريعي تيار ڪيون ويون ۽ کين …

روم _ 6 مئي (اي پي پي) اٽلي جي وزيراعظم جارجيا ميلوني مصنوعي ذهانت (اي آءِ) ذريعي سندس ٺاهايل جعلي تصويرن (ڊيپ فيڪ) جي وڌندڙ رجحان تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي خبردار ڪيو آهي ته اهڙي طرح جون تصويرون عوام کي آساني سان ڌوڪو ڏئي سگهن ٿيون. پرڏيهي ميڊيا مطابق هن گذريل ڏينهن بيان ۾ چيو ته منهنجون ڪيتريون ئي جعلي تصويرون مصنوعي ذهانت ذريعي تيار ڪيون ويون ۽ کين سوشل ميڊيا تي اهڙي طرح پکيڙيون ويون جيئن حقيقي هجن. هن چيو ته  اهي تصويرون سياسي مخالفن طرفان پکيڙيون پيون وڃن ته جيئن کيس نشانو بڻائي سگهجي. اٽلي جي وزيراعظم سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي جعلي تصوير شيئر ڪرڻ تي طنزيه انداز به اختيار ڪيو ۽ چيو ته مون کي اهو تسليم ڪرڻو پوندو جنهن اها تصوير ٺاهي  آهي گهٽ ۾ گهٽ ان ۾ مون کي ڪجهه بهتر ئي ٺاهي ڇڏيو آهي . هن چيو ته اهو واقعو ان ڳالهه جي نشاندهي ڪري ٿو ته هاڻي ماڻهن تي حملو ڪرڻ ۽ ڪوڙي معلومات ڦهلائڻ لاءِ ڪنهن به حد تائين وڃي سگهجي ٿو. مسئلو صرف  منهنجي ذات تائين محدود ناهي پر ان کان ڪيترائي ڀيرا مٿي آهي. ڊيپ فيڪ هڪ خطرناڪ هٿيار آهي ڇو ته اهو ڌوڪو ڏئي سگهي ٿو، ماڻهن کي متاثر ڪري سگهي ٿو ۽ ڪنهن کي به نشانو بڻائي سگهي ٿو. مان پنهنجو دفاع ڪري سگهان ٿي پر ڪيترائي ماڻهو اهڙا آهن جيڪي ائين نٿا ڪري سگهن. اٽلي جي وزير اعظم عوام تي زور ڀريو آهي ته هو سوشل ميڊيا تي ڪنهن به مواد کي قبول ڪرڻ يا شيئر ڪرڻ کان پهريان ان جي تصديق ڪن.

مزید خبریں