اسلام آباد- 05 مئي (اي پي پي) ڀارت جي ڌمڪين وارن بيانن جي جواب ۾ پاڪستان دفاعي صلاحيتن جو مظاهرو ڪندي دشمن کي خبردار ڪيو آهي. 5 مئي 2025ع جنگي مشق انڊس تحت فتح ميزائيل جي ڪامياب تجربي پاڪستان جي دفاعي تيارين کي وڌيڪ مضبوط ڪري ڇڏيو. فتح ميزائيل زمين کان زمين تي 120 ڪلوميٽر تائين مار ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو، پاڪستان فتح ميزائيل جي ڪامياب تجربي سان جديد …
پاڪستان پاران فتح ميزائيل سسٽم تجربو، حق جي ويڙهه ۾ دشمن جي اڳرائيءَ جو منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ جو عزم

مزید خبریں
اسلام آباد- 05 مئي (اي پي پي) ڀارت جي ڌمڪين وارن بيانن جي جواب ۾ پاڪستان دفاعي صلاحيتن جو مظاهرو ڪندي دشمن کي خبردار ڪيو آهي. 5 مئي 2025ع جنگي مشق انڊس تحت فتح ميزائيل جي ڪامياب تجربي پاڪستان جي دفاعي تيارين کي وڌيڪ مضبوط ڪري ڇڏيو. فتح ميزائيل زمين کان زمين تي 120 ڪلوميٽر تائين مار ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو، پاڪستان فتح ميزائيل جي ڪامياب تجربي سان جديد نيوي گيشن سسٽم سميت اهم فني رُخن جي توثيق ڪئي. فتح ميزائيل جي ڪامياب تجربي سان پاڪسان دشمن تي واضح ڪيو آهي ته پاڪ فوج هر جارحيت جو ڀرپور جواب ڏيڻ جي صلاحيت رکي ٿي. عالمي ماهرن موجب پاڪستان پهلگام فالس فليگ آپريشن جي آڙ ۾ دشمن جي ناپاڪ ارادن کي وقت سر محسوس ڪندي فتح ميزائيل جو ڪامياب تجربو ڪري ڀارت کي خبردار ڪري ڇڏيو. پاڪستان جي اسٽريٽجڪ ادارن ۽ سيڪيورٽي فورسز عيوض پاڪستان جو دفاع ناقابل تسخير آهي.











