حق جي ويڙهه ۾ بي مثال جرائت ۽ ڪاميابي تي پاڪستاني فوج کي خراجِ تحسين پيش ڪريون ٿا: سردار محمد يوسف

اسلام آباد- 05 مئي (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف چيو آهي ته حق جي ويڙهه ۾ ڪاميابيءَ تي پوري قوم الله تعاليٰ جي شڪرگذار آهي ته الله پاڪ پاڪستان کي ازلي دشمن تي فتح عطا فرمائي، ان ڪاميابيءَ کان پوءِ پاڪستان پوري دنيا جي امن لاءِ ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. حق جي ويڙهه جو هڪ سال مڪمل هئڻ تي گذريل ڏينهن مذهبي معاملن …

اسلام آباد- 05 مئي (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف چيو آهي ته حق جي ويڙهه ۾ ڪاميابيءَ تي پوري قوم الله تعاليٰ جي شڪرگذار آهي ته الله پاڪ پاڪستان کي ازلي دشمن تي فتح عطا فرمائي، ان ڪاميابيءَ کان پوءِ پاڪستان پوري دنيا جي امن لاءِ ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. حق جي ويڙهه جو هڪ سال مڪمل هئڻ تي گذريل ڏينهن مذهبي معاملن جي اهتمام هيٺ تقريب جو بندوبست ڪيو ويو، جنهن ۾ عالم سڳورن شرڪت ڪئي. ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته علما مشائخ ڪائونسل پوري ملڪ ۾ ڪم ڪري ٿي، اسان ان اجلاس ۾ حق جي ويڙهه ۾ بي مثال جرائت ۽ ڪاميابيءَ تي پاڪستاني فوج کي خراجِ تحسين پيش ڪريون ٿا. هن چيو ته حق جي ويڙهه ۾ پاڪستاني فوج جنهن انداز ۾ دشمن کي جواب ڏنو اهو تاريخ ۾ سونهري اکرن ۾ لکيو ويندو، هي اهو روشن باب آهي جيڪو تاريخ ۾ هميشه زندهه رهندو. هن چيو ته عالم سڳورن جو ٿورائتا آهيان جن نه صرف ڀرپور ساٿ ڏنو پر رهنمائي پڻ فرمائي. پاڪستان الله جي فضل سان اهو مقام حاصل ڪيو جنهن کي دنيا قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿي. هن چيو ته دنيا ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ پاڪستان جي ٽياڪڙي جي ڪردار کي دنيا ساراهي رهي آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ۽ نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار جون سفارتي ڪاميابيون پنهنجو مثال پاڻ آهن.

مزید خبریں